اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اعظم سواتي جو عدالتي وقت ختم ٿيڻ بعد جسماني رمانڊ ڏيڻ جي آرڊر خلاف ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر ڪئي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي وضاحت عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته جج ابوالحسنات ذوالقرنين مطابق سمورن ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪيو، جج مطابق جيڪڏهن حتمي طور تي ساڍا 6 وڳي جسماني رمانڊ ڏنو ويو ته ان ۾ ڇا غلط آهي. 13 ڪيس هئا ان سموري عمل ۾ وقت ته لڳندو آهي. ٻئي طرف عدالت ۾ رجسٽرار آفيس ڪيس متعلق ڌرين کي نوٽيس جاري ڪرڻ متعلق انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي وئي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته رجسٽرار آفيس جي رپورٽ مطابق نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پراسيڪيوٽر جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته هاڻي اوهان ڏسو ته اوهان کي پنهنجي آفيس متعلق ڪهڙي ڪاروائي ڪرڻي آهي. پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته مون باقائده چيڪ ڪيو آهي پر اسان کي ڪو نوٽيس ناهي مليو. عدالت رجسٽرار هاءِ ڪورٽ کي حڪم ڏنو آهي ته پراسيڪيوٽر جنرل آفيس سميت ڌرين کي نوٽيسز ملڻ متعلق انڪوائري ڪرڻ ڪو حڪم ڏنو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اعظم سواتي جو 8 ڪيسن ۾ جسماني رمانڊ ڪالعدم قرار ڏيندي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪري جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس گل حسن اورنگزيب دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين تي پنهنجي ڪاوڙ کي بي جواز قرار ڏئي ڇڏيو، جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته جج منهنجي سامهون نه هو، مون کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها، اسان جيڪو فيصلي ۾ لکي نه ٿا سگهون اهو عدالت ۾ چئي به نه ٿا سگهون، جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي وضاحت پڙهي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا ته جج مطابق سمورن ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو، جيڪڏهن حتمي طور تي ساڍا 6 وڳي جسماني رمانڊ ڏنو وڃي ٿو ته ڇا غلط آهي؟ ڇو ته جج مطابق 13 ڪيس هئا ۽ ان سموري عمل ۾ وقت لڳي ويندو آهي. جج ابوالحسنات ذوالقرنين جيڪا رپورٽ ڏني آهي اسان اُن تي مطمئن آهيون. گذريل ڏينهن جسٽس گل حسن اورنگزيب جج خلاف رمارڪس ڏيندي چيو هو ته ابوالحسنات آرڊر ڏئي تاريخ ڏئي ٿو ۽ پوءِ ضمانت رد ڪري ڇڏي ٿو، هن کي ان ڪري رکيو ويو آهي ته جيئن سياسي ڪارروائيون ڪري سگهي، جسٽس گل حسن اورنگزيب وڌيڪ چيو هو ته سائيفر ٽرائل ۾ اسان جج ابوالحسنات جا ڪارناما ڏٺا آهن.