اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان بار ڪائونسل ججن کي بنا وياج قرض ڏيڻ کي اڻ برابري قرار ڏئي ڇڏيو. پڌرائيءَ موجب سٺيون پگهارون ۽ مراعتون وٺندڙ ججن کي بنا وياج قرض ڏيڻ اڻ برابري آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ججن مان اميد ڪيون ٿا ته اهي بنا وياج قرض جي آڇ رد ڪري ڇڏيندا.
پاڪستان بار ڪائونسل آل پاڪستان وڪيل نمائنده اجلاس ۾ ججن جون مراعتون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. پاڪستان بار ڪائونسل مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب جي نگران حڪومت ججن کي بنا وياج قرض ڏيڻ جي آڇ فوري طور واپس وٺي، هن وقت عوام مهانگائي سبب سخت پريشاني جو شڪار آهي.