اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي لکيل خط جي اوپن ڪورٽ جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، ميان دائود ايڊوڪيٽ پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کي بااختيار ڪميشن جوڙي جاچ ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي، درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته ائين لڳي ٿو ته تحريڪ انصاف جي اشاري تي ججن پاران اهو خط لکيو ويو آهي، آئيني نظام کان واقف عام ماڻهو کي به خبر آهي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل اهڙن تڪرارن جي جاچ ڪرائيندڙ ادارو نه آهي، ان جي باوجود خط لکڻ عدليه کي اسڪينڊلائيز ڪرڻ برابر آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز پاران خط لکڻ جي عدالتي انڪوائري ڪرائڻ جي استدعا ڪجي ٿي.