اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته ججز کي ماڻهن سان ملڻ گهرجي ته جيئن نوَن خيالن ۽ راءِ جي خبر پوي، هڪ جج طور آئون رڳو غلط يا صحيح نه ڏسندو آهيان، پهرين ترجيح بنيادي حقن جو تحفظ هوندي آهي، منهنجي ذميواري آهي ته درخواستگذار جي حقن جو تحفظ ڪريان، آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته آئين آزادي ۽ خوشحال زندگي جي ضمانت ڏئي ٿو، مسئلو آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ جو نه، پر اُن کي صحيح رُخ ۾ استعمال ڪرڻ جو آهي، چيف جسٽس چيو ته اسان کي مسئلن جي حل لاءِ رڳو حڪومت تي نه ڀاڙڻ گهرجي، سڀني کي گڏجي حل ڳولڻو آهي، عوام کي اڳتي اچي مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو، پهرين سادگي جي اهميت هوندي هئي، پر هاڻي اشرافيا سادگي وساري ويٺي آهي، هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ وسيلي مسئلن جو حل ممڪن آهي.