اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس منصور علي شاهه جو عدليه متعلق اهم فيصلو سامهون اچي ويو. هن چيو ته عدالتن کي آئيني اخلاقيات جو مينار ۽ جمهوري سالميت جا محافظ هجڻ گھرجي. تاريخ انهن ججز کي معاف نه ڪندي، جيڪي پنهنجون آئيني ذميواريون ڇڏين ٿا. تاريخ اهڙن ججز کي ناانصافي جي ساٿي طور ياد ڪندي. سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس منصور علي شاهه سروس ڪيس ۾ عدليه بابت هڪ اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ججز جو فرض آهي ته اهي پنهنجي صفن ۾ انهن جي سڃاڻپ ڪن، جيڪي طاقت آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏين ٿا. ججز کي اخلاقي وضاحت ۽ اداري جي همت سان اهڙو قدم کڻڻ گھرجي. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اندروني تنقيد آئين سان وفاداري جي جڙ آهي. بيوفائي ناهي. اهڙن ماڻهن کي للڪارڻ عدليه جي خدمت جي بلند ترين صورت آهي. ججز کي ايمانداري ۽ بهادري سان ڪم ڪرڻ گهرجي. انهن کي اندروني ۽ ٻاهرين سموري دٻاءَ جو مقابلو ڪرڻو پوندو. جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته ججز کي عدليه ۽ قانون جي حڪمراني کي پائمال ڪرڻ وارن خطرن جو مقابلو ڪرڻو آهي. اهي ننڍن، عارضي فائدن جي لالچ جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي، اهڙا فائدا صرف وهم ۽ عارضي هوندا آهن. جج جو اصل ڪردار ادارتي وقار ۽ عوامي اعتماد برقرار رکڻ ۾ آهي. تاريخ انهن ماڻهن کي ياد رکندي آهي جيڪي اصولن جي دفاع ۾ ثابت قدم رهيا. جج جي فقهي وراثت خوشامد تي ناهي، اصولي نحراف تي استوار هوندي آهي. جڏهن انصاف جي روح کي خطرو هجي، ته عدالتن کي مصلحت جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. جسٽس منصور علي شاهه وڌيڪ لکيو آهي ته سپريم ڪورٽ صرف تڪرارن جي حل جو فورم نه آهي، پر قوم جو آئيني ضمير به آهي.