اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ججز خلاف مهم تي ايف آءِ اي مختلف 47صحافين ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽس کي طلب ڪري ورتو. سوشل ميڊيا تي ججز ۽ ادارن خلاف مبينا غلط ڄاڻ پکيڙڻ واري معاملي ۾ اڳڀرائي سامهون آئي آهي، ايف آءِ اي سائبر ونگ پاران ججز خلاف منفي مهم هلائڻ تي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي نوٽيسز ذريعي مختلف صحافين، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽس کي انڪوائري لاءِ طلب ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل شخصيتن کي 30 ۽ 31 جنوري جي صبح 11 وڳي ايف آءِ اي اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، ايف آءِ اي طرفان غلط ڄاڻ پکيڙڻ تي 65 ڄڻن کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آهن جن ۾ صحافي، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽس ۽ يوٽيوبرز شامل آهن. ايف آءِ اي وٽ 115 انڪوائريز رجسٽرڊ ٿيون آهن، انڪوائريز ڪراچي، لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۾ جاري آهن، صحافين ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽس کي الڳ الڳ شهرن جي آفيسز ۾ طلب ڪيو ويو آهي، نوٽيس انڊر سيڪشن 160 تحت جاري ڪيا ويا آهن. هوڏانهن سپريم ڪورٽ صحافين کي ايف آءِ اي پاران طلب ڪرڻ جو نوٽيس ورتو، صحافين کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو ڪيس 29 جنوري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو، چيف جسٽس سان سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ پريس ايسوسيئيشن جي عهديدارن ملاقات ڪئي، ڪورٽ رپورٽرز جي تنظيمن ايف آءِ اي جا نوٽيس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو، چيف جسٽس صحافتي تنظيمن جي قيادت پاران جاري ڪيل گڏيل بيان بعد ملاقات لاءِ گهرايو، ملاقات بعد صحافي اڳواڻ عقيل افضل چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صحافين جي وفد سان ڳالهائيندي چيو ته صحافين بابت ڪيس سومر تي مقرر ڪري رهيو آهيان، اوهان جون گذارشون آهن عدالت ۾ اچي ٻڌايو.