اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جي سينارٽي تبديل ڪرڻ خلاف پنج ججز جي ريپريزنٽيشن رد، چيف جسٽس عامر فاروق ريپريزنٽيشن رد ڪرڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي هاءِ ڪورٽس ٽرانسفر ٿيندڙ ججز کي ٻيهر نئون حلف کڻڻ جي ضرورت ناهي. هاءِ ڪورٽ جي جج جي بدلي تي ٻيهر حلف کڻڻ بابت پروسيجر خاموش آهي، اهو نٿو چئي سگهجي ته بدلي کانپوءِ ٻيهر حلف کڻي، جيڪڏهن ٽرانسفر ٿيندڙ جج جو ٻيهر حلف ضروري هجي ها ته آئين ۾ ان جو ذڪر ڪيو وڃي ها،ڀارت وانگر پاڪستان ۾ ٽرانسفر پاليسي نئين. پر صدر پاڪستان قانون جي مطابق ٽرانسفر ڪري سگهي ٿو. چيف جسٽس عامر فاروق، جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق جهانگيري، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز ۽ جسٽس ثمن رفعت جي ريپريزنٽيشن رد ڪئي. لکت واري فيصلي مطابق ٽن صوبائي هاءِ ڪورٽس جي ججز جي بدلي کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيل سينارٽي لسٽ برقرار رهي. جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ کان ٽرانسفر ٿي ايندڙ جسٽس سرفراز ڊوگر سينيئر پيوني ججز برقرار رهندو. فيصلي ۾ موجب صوبائي هاءِ ڪورٽس مان ٽرانسفر ٿيندڙ ججز کي ٻيهر نئون حلف کڻڻ جي ضرورت ناهي. ججز جي مقرري ۽ ٽرانسفر ۾ فرق آهي. ٻئي مختلف ڳالهيون آهن. سرحد پار ڀارت ۾ ته ججز جي ٽرانسفر عام ڳالهه آهي. ڀارتي هاءِ ڪورٽس جي ججز جي حلف جو متن به فيصلي ۾ شامل آهي. لکت واري فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جڏهن جج ٽرانسفر ٿيندو آهي ته ان هاءِ ڪورٽ جي جج طور تي اسٽيٽس رهندو آهي اهو تبديل ناهي ٿيندو. آئين جي آرٽيڪل 200 جج جي هڪ هاءِ ڪورٽ کان ٻئي ۾ ٽرانسفر متعلق آهي.