اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جي سينارٽي ۽ بدلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل ججز جي درخواستن کي ميرٽ تي رد ڪرڻ ۽ ٻين درخواستن کي ٻڌڻي جوڳو قرار نه ڏئي خارج ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي. آئيني بينچ 17 جنوري ۽ 10 فيبروري جي جوڊيشل ڪميشن اجلاسن جا منٽس طلب ڪري ورتا. ٻڌڻي 29 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بدلي ٿيل ججز جي سينارٽي ۽ مقررين بابت آئيني ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ ڪئي. اٽارني جنرل ابتدائي دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ٿيل ججز جي مقرري تي ڪو به اعتراض رڪارڊ تي ناهي ۽ سينارٽي جو تعين ڪرڻ جو اختيار چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وٽ آهي. جسٽس شڪيل احمد پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن ججز جي بدلي مستقل آهي ته پوءِ آئين جي آرٽيڪل 175-A تحت مقرري ڇو نه ٿي؟ ايڊيشنل ججز جي ڪارڪردگي جو جائزو ڪير وٺندو، پراڻي هاءِ ڪورٽ يا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ؟. جسٽس شڪيل احمد وڌيڪ پڇيو ته سينارٽي کي نظر ۾ رکندي ٻڌايو ته ٻين هاءِ ڪورٽن مان بدلي ٿيل ججز جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي انتظامي ڪاميٽي تي ڇا اثر پيو آهي؟ جسٽس نعيم افغان پڇيو ته جسٽس سرفراز ڊوگر کي بدلي لاءِ ڪهڙي اصول تحت چونڊيو ويو؟ ڇاڪاڻ ته هو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 15هين نمبر تي هيو ۽ اسلام آباد ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو. جسٽس صلاح الدين چيو ته بدلي ٿيل ججز کي اڃا به اڳوڻي هاءِ ڪورٽن جو جج سمجھيو وڃي ٿو يا اسلام آباد جو؟ اهو معاملو اڃا طئي ٿيڻ وارو آهي. آئيني بينچ 17 جنوري ۽ 10 فيبروري جي جوڊيشل ڪميشن اجلاس جا منٽس طلب ڪري ورتا، جن اجلاسن ۾ ٻن ايڊيشنل ججز جي مقرري ۽ جسٽس عامر فاروق جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جو فيصلو ٿيو هو. اٽارني جنرل آخر ۾ استدعا ڪئي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جي درخواست کي ميرٽ تي رد ڪرڻ ۽ ٻين درخواستن کي ٻڌڻي جوڳو قرار نه ڏئي خارج ڪيو وڃي عدالت ٻڌڻي 29 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي تي منير اي ملڪ ۽ فيصل صديقي جواب الجواب ڏيندا.