اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ليڪ ٿيندڙ مبينا آڊيوز طلب ڪرڻ تي جاچ ڪميشن کي فراهم ڪري ڇڏيون، ذريعن موجب مبينا ليڪ آڊيوز سان گڏ ٽرانسڪرپٽ به لاڳاپيل آفيسر جي صحيح سان جمع ڪرايو ويو آهي، حڪومت پاران مجموعي طور 8 آڊيوز جاچ ڪميشن وٽ جمع ڪرايون ويون آهن، ليڪ ٿيندڙ آڊيوز ۾ موجود ماڻهن جا نالا، عهدا ۽ رابطا نمبرز ۽ ٻيا تفصيل جاچ ڪميشن کي فراهم ڪيا ويا آهن، ذريعن موجب اٽارني جنرل آفيس پاران انڪوائري ڪميشن ۾ جمع ڪرايل ماڻهن جي فهرست ۾ وڪيل خواجه طارق رحيم، صدر سپريم ڪورٽ بار عابد زبيري جو نالو شامل آهي، فهرست ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار، صحافي قيوم صديقي جو به نالو آهي، ذريعن موجب فهرست ۾ پهريون نالو اڳوڻي وزيراعليٰ پنجاب پرويز الاهي جو آهي، فهرست ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، مسرت جمشيد چيما، چيف جسٽس جي سس ماهه جيبين، گهرواري خواجه طارق رحيم رافيه طارق جو نالو شامل آهي، فهرست ۾ اڳوڻي چيف جسٽس جي پٽ نجم ثاقب ۽ ابوذر مقصود چڍڙ جو نالو به آهي، فهرست ۾ سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس جج جو نالو به آهي. اٽارني جنرل آفيس 8مبينا آڊيوز بابت 12 نالن جي فهرست تيار ڪئي آهي. واضح رهي ته وفاقي حڪومت پاران ججز بابت آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙي وئي هئي.