اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ مخالف ڌرسان گڏ حڪومتي سينيٽرز پاران به بجيٽ تي سخت تنقيد ڪئي وئي. ذيشان خانزاده چيو ته جنهن صنعت ۾ گروٿ ٿيندي آهي اُن تي هي ٽيڪس لڳائي ڇڏيندا آهن ۽ اُن جي گروٿ بند ٿي ويندي آهي، آءِ ٽي سيڪٽر ۾ گروٿ ٿي ته ان تي پنج سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو. پوليس ۽ سول آرمڊ فورسز جي بجيٽ ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو. چيو ويو هي بجيٽ دهشتگردن لاءِ رکيو ويو آهي. هي اُهي دهشتگرد آهن جيڪي عمران خان جي آزادي ۽ جمهوريت جي ڳالهه ڪن ٿا. عبدالشڪور خان چيو ته انڪم سپورٽ پروگرام عوام کي پينو فقير بڻائڻ لاءِ آهي. عبدالشڪور خان چيو ته انڪم سپورٽ پروگرام عوام کي پينو فقير بڻائڻ لاءِ آهي، عورتون لائينن ۾ بيهنديون آهن، ماڻهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، چون ٿا ته اسان کي 15 هزار رپيا ملي رهيا آهن، گزارو ٿي رهيو آهي. سينيٽر عون عباس چيو ته هي حڪومت جنوبي پنجاب جي عوام کان نفرت ڪري ٿو. اسان کي 10 ارب جو روڊ نه پر صوبو گهرجي. ساڍا چار ارب رپين جي لاڳت سان ملتان ۾ هڪ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ٺاهيو ويو هو، اڄ اتي گڏهه ۽ گھوڙا ٻڌل آهن. ڪامران مرتضيٰ چيو ته حڪومت فائلر ۽ نان فائلر ۾ اهڙو فرق ڪري ڇڏيو آهي جيئن ڪافر ۽ غير ڪافر هجي. مون جهڙو شخص جيڪو ڪڏهن ڪڏهن موٽر وي تي سفر ڪندو آهي ان کي به 50 سيڪڙو وڌيڪ رقم ڏيڻي پوندي. محسن عزيز چيو ته حڪومت ملڪ جي معيشيت داءُ تي لڳائي ڇڏي آهي. سينيٽر ايمل ولي خان چيو ته ملڪ جو قرض 71 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. بجيٽ ٺاهيندڙن 60 سيڪڙو پاڪستانين کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي. سرڪاري ٽرانسپورٽ ادارا ختم ڪيا وڃن. پئسا ناهن اسڪول ۽ سرڪاري اسپتال ٺهن نه پيا ٺهن ته وفاق ۾ صحت ۽ تعليم جي وزارت کي ئي ختم ڪيو وڃي. وفاق ۾ صرف پنج وزارتون هجڻ گهرجن، دفاع، پرڏيهي، گهرو وزارت، قانون ۽ ناڻي واري وزارت هجي. اين ايف سي ايوارڊ اڃا تائين ناهي ٿيو، جيڪا مجرمانه ناڪامي آهي. عامر ولي الدين چشتي چيو ته جيڪي مقامي صنعت کي سهولتون ڏئي سگهجن ٿيون اهي ناهن ڏنيون ويون. ايف بي آر کي پوليسنگ جا اختيار ڏنا ويا آهن، جنهن جو اثر خاص طور تي ڪراچي تي پوندو. اتي سڀ کان وڌيڪ گرفتاريون ٿينديون. ڪراچي لاوارث بڻجي چڪو آهي، ڪاروباري حالتون به بهتر ناهن. وفاقي حڪومت کي شرم اچڻ گهرجي ته هن ڪراچي لاءِ صرف 15 ارب رپيا رکيا آهن. سعديه عباسي چيو ته بجيٽ ۾ صنعت، روزگار، زراعت ۽ معاشي ترقي لاءِ ڪجهه به ناهي. فائلر ۽ نان فائلر جي پاليسي پوري دنيا ۾ ڪٿي به ناهي، رڳو پاڪستان ۾ آهي. سينيٽر وقار مهدي چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته وفاق 400 ارب رپين جي حيدرآباد-سکر موٽر وي لاءِ رڳو 15 ارب رپيا مختص ڪيا آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت کي هن منصوبي سان ڪا دلچسپي ئي ناهي.