نوشهروفيروز(رپورٽر) جتوئي ڀائر ڪورونا ۾ مبتلا ھجڻ سبب عدالت ۾ پيشي تي نه پھچي سگھيا. مورو واقعي ۽ گهرو وزير جي گهر کي باھه ڏيڻ واري ڪيس ۾ نوشھروفيرو جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جتوئي ڀائرن جي پڪي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 24 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جڏھن ته بلاول زرداري قتل ڪيس جي ٻڌڻي 28 جون تي مقرر ڪئي وئي. جتوئي ڀائرن ۽ جي ڊي اي اڳواڻن غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي جي غير حاضري جي درخواست عدالت منظور ڪئي. عدالت وڪيلن کي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي مطمئن ڪندڙ ثبوت پيش ڪيا وڃن. وڪيلن پاران ڏنل استدعا ته ڪيس اي ٽي سي مان  سيشن ڪورٽ موڪليو وڃي، اها درخواست  عدالت رد ڪري ڇڏي. وڪيل عبدالله ڪورائي عدالت کي ٻڌايو ته جتوئي ڀائر ڪرونا ۾ مبتلا هجڻ سبب عدالت نه اچي سگھيا. ٻئي پاسي پوليس جا وڏا اٽالا بڪتربند گاڏيون ۽ پوليس موبائيلون ڪيترائي ڪلاڪ عدالت ٻاهران موجود رهيا.