ملير (رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري جي ننڍي پٽ عثمان شاهه راشدي مٿان هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل، هڪ ايف آءِ آر سٽي ڪورٽ ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آھي، جڏهن ته سچل ٿاڻي تي ٻي ايف آءِ آر ايڊووڪيٽ غلام رسول ڏاهري جي مدعيت ۾ داخل ڪرائي وئي آهي، ايڊووڪيٽ غلام رسول ڏاهري پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ قلم 506 ٽي پي، 504 ٽي پي، 25 ڊي ٽيليگراف ايڪٽ، 3، 2023 لائيرز ويلفيئر ۽ پروٽيڪشن ايڪٽ شامل آهن، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عثمان شاهه سان گڏيل دوستن ذريعي رابطو ٿيو، عثمان شاهه جا مختلف ماڻهن خلاف ڪيس هلن ٿا، هن مون کي چيو ته منهنجو ڪيس مفت ۾ وڙهه، جنهن تي مون پاران انڪار ڪيو ويو ته هن پنهنجي موبائل نمبر تان ڌمڪيون ڏنيون، 18 فيبروري تي عثمان شاهه ٽن نامعلوم ساٿين سان گڏ منهنجي گهر آيو ۽ دروازو ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پاڙي وارا گڏ ٿيا جنهن بعد عثمان شاهه ۽ سندس ساٿي فرار ٿي ويا. سٽي ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل ايف آئي آر ۾ وڪيل امتياز شاهه موقف اختيار ڪيو ته آئون عثمان شاهه جي اڳوڻي گهر واري جو وڪيل آهيان، عثمان شاهه وڪالت واري درخواست واپس وٺڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون.