ورهاڱي کان به اڳ اڄ سوڌو سنڌ جي حقن وارو دستاويز محمد ابراهيم جويي جي انگريزي ۾ لکيل “سيوِ سنڌ، سيوِ دي ڪانٽيننٽ” يا “سنڌ بچايو، کنڊ بچايو” ڪتابڙي جي ڇپائي لاءِ پئسا ڪنهن ٻئي نه پر غلام مصطفيٰ جتوئي جي والد غلام رسول جتوئي ڏنا هئا. ڇو ته انهن ڏينهن غلام مصطفيٰ جتوئي سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ پڙهندو هو ۽ جويي صاحب جو پيارو شاگرد هو. هونئن به غلام رسول جتوئي کي سنڌ جي اهڙن مقصدن سان همدردي هوندي هئي. هو حيدر بخش جتوئي سان به همدردي رکندڙ هو ته قاضي فيض محمد جو به دوست هو، جو هو ٻئي نوشهري فيروز جي مدرسي اسڪول ۾ گڏ پڙهيا هئا. ٻنهي جي وري اٿ ويهه انهن ڏينهن جي ڊپٽي ڪليڪٽر مسعود کدرپوش سان ٿي هئي. مسعود کدرپوش جو ورهاڱي ۾ ڪردار انتهائي متنازعه پنهنجي جاءِ تي پر سندس هاري رپورٽ هن کي سنڌ جي لتاڙيل طبقن ۾ اوتار بڻائي ڇڏيو هو.
جويي صاحب اهو ڪتابڙو کڻي اڻ ورهايل هندستان واري سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن منجهه ورهائڻ اسيمبلي بلڊنگ ويو هو ته اتي تڏهن نوجوان ميمبر محمود هارون کيس ڌڪا ٿيلها ڏنا هئا. اهي ٻئي ڳالهيون جويي صاحب مونکي پاڻ ٻڌايون هيون. جويي صاحب جو اهو ڪتابڙو انگريزن کي ملڪ مان نيڪالي کانپوءِ واري آجپي ۽ خوشحالي واري سنڌ هاري ۽ پورهيتن جي سک سانت واري سنڌ جو روڊ مئپ يا ماڳ جي سونهائپ وارو پڌرنامو هو.
ڳالهه مان ڳالهه جي کڻان ته ان ڪتابڙي لکڻ توڻي ورهائڻ جي ‘ڏوهه’ ۾ جويي صاحب کي سنڌ مدرسي جي نوڪريءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا هئا. سنڌ مدرسي جي بورڊ وارن کيس فارغ ڪيو هو. پوءِ هو لوڪل بورڊ هيٺ هلندڙ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي ۾ وڃي استاد ٿيو هو. شايد انڪري به جو انهن ڏينهن ۾ ٺٽو ڪراچي سان شامل هو. بورڊ جو چيئرمين شايد جي ايم سيد هو يا ڪو سندس ئي ساٿي هو. ڏسو نه، جي ايم سيد کي جويي صاحب سدائين پنهنجو محسن مڃيو پر پوءِ به جويي صاحب جو ڪتاب سائين جي ايم سيد جي ان مهل وارن خيالن جي وڏي واڪ بنهه ابتڙ ۽ اڳانهو هو. پر سيد توڻي جويو صاحب خيالن يا نظرين جي اختلافن کي انساني لاڳاپن وچ ۾ نه ٿي آندو. وڏي سهپ ٿي رکيائون. سو ٺٽي ۾ هاءِ اسڪول ۾ جويي صاحب جو برخوردار ۽ ذهين فخر جوڳن شاگردن مان رسول بخش پليجو هو. جويو صاحب يا عمر جي ايم سيد توڻي پليجي ٻنهي سان ساڳئي وقت ڳوڙهن ڳانڍاپن ۾ نه فقط توازن برقرار رکيو پر ٻنهي اڳواڻن جي تحريڪن جو ڄڻ ته هڪ ئي ٿنڪ ٽئنڪ رهيو. اهڙي ريت غلام مصطفيٰ جتوئي سان ته هن جو هيو ئي هڪ نهايت ئي پياري شاگرد ۽ استاد وارو رشتو ۽ سندس شاگرد پاران اهو احترام جو رشتو قائم رهيو. جويو صاحب ماڻهن جو رڳو ٽيڪسٽ بوڪ استاد ڪونه هو پر سياست، ادب، جو به استاد هو. سو مونکي ان تي تعجب ڪونه ٿو ٿئي جڏهن ڪي ڄاڻو اها ڳالهه ڪن ٿا ته غلام مصطفيٰ جتوئي جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ سندس نيشنل پيپلز پارٽي قائم ڪئي ته ان جو منشور محمد ابراهيم جويي لکيو. شايد جويي صاحب کي غلام رسول جتوئي طرفان سندس “سنڌ بچايو، کنڊ بچايو” جهڙي “خطرناڪ ڪم” ۾ مالي مدد ڪرڻ وارو ٿورو ياد هجي. مان سمجهان ٿو اهو سنڌ تي ٿورو هو.
سو ڳالهه پئي ڪئي سون جتوئين جي… غلام رسول جتوئي. جيڪو امام بخش جتوئي جو اڪيلو پٽ هو. ان کي امام بخش جي وفات کانپوءِ وراثت ۾ گهڻي ٻني ملي هئي ته ايئن پوءِ ورهاڱي بعد زمينون اڃان به وڌائي جاگيردار ٿي ويو. هو پاڻ به، پوءِ پٽ غلام مصطفيٰ جتوئي اولهه پاڪستان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو. غلام مصطفيٰ جتوئي واري ميمبري وارن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، ممتاز ڀٽو، غلام مصطفيٰ کر به ممبر هئا. ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ غلام مصطفيٰ کر سان سندس دوستي گهڻي اڳ شروع ٿي. جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي لاهور ۾ ڊاڪٽر مبشر جي گهر پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو ته ساڻس گڏ انهن ساٿين ۾ غلام مصطفيٰ جتوئي به شامل هو. پر غلام مصطفيٰ جتوئي تائين ايندي جتوئي خاندان جي زمين هزارين ايڪڙ ٿي وئي هئي، جنهن ۾ ڪيٽي جتوئي به شامل هئي. هو پاڪستان جو سڀ کان وڏو جاگيردار ليکيو ويندو هو… هڪڙين اڻ تصديق ٿيل رپورٽن موجب، جتوئي خاندان وٽ اسي جي ڏهاڪي تائين ڪل ستانوي هزار ايڪڙ زمين هئي. وڌيڪ خبر مالڪن کي….. پر جڏهن پيپلز پارٽي قائم ڪري ذوالفقار علي ڀٽو نوابشاهه جي دوري تي آيو ته ڪو به هڪ وڏيرو جاگيردار گڏ نه هو، نه ڪو آجيان ۾، ڇاڪاڻ ته ايوب خان جو ڏهڪاءُ ايترو هو. پر تڏهن قاضي فيض محمد، سيد امداد محمد شاهه ۽ رشيد احمد شاهه سندس آجيان ڪئي هئي ۽ کيس نوابشاهه وڪيلن واري بار ۾ وٺي آيا هئا. ذوالفقار علي ڀٽي سان انجي دوري ۾ مير رسول بخش ٽالپور ۽ غلام مصطفيٰ کر گڏ هئا پر غلام مصطفيٰ جتوئي ڪونه هو. قاضي فيض محمد جي پٽ ۽ منهنجي دوست قاضي جاويد مونکي ٻڌايو ته کيس گهروارن ٻڌايو هو ته قاضي فيض محمد کي مير رسول بخش ٽالپور فون ڪيو هو ته ايوب خان جي ڏهڪاءَ سبب ڪو وڏيرو ذوالفقار علي ڀٽي کي رهائڻ لاءِ تيار ڪونهي. ذوالفقار علي ڀٽو نوابشاهه ۾ قاضي فيض محمد جي گهر ترسيو هو. قاضي فيض محمد جيتوڻيڪ پاڻ صوفي صاف صفا هو پر کيس خبر هئي ته ڀٽو سدا جو پياڪ آهي، هن سندس لاءِ مهمانوازي ۾ وهسڪي جي بوتل ‘ويٽ سڪسٽي نائين’ گهرائي هئي پر ذوالفقار علي ڀٽي چيو نه، قاضي صاحب جي احترام ۾ سندس گهر تي هو نه پيئندو.
ذوالفقار علي ڀٽو سندس مرسيڊيز ڪار ۾ آيو هو، پر نوابشاه ۾ هو قاضي فيض محمد جي تاريخي بيٽل يا واڪس ويگن معنيٰ ان صابڻ داني ڪار ۾ سفر ڪيو هو. پر ڀٽي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ قاضي فيض محمد سان ئي ڏاڍايون ڪيون، کيس عمري وڃڻ وقت سندس ۽ سندس گهرواريءَ کي جهاز تان آف لوڊ ڪيو ويو، جنهن جي ڏک ۾ قاضي صاحب اٺ تي ٿر کان ڪنهن طرح پيرسني ۾ سرحد پار ڪري وڃي يورپ لنڊن ۾ جلاوطني اختيار ڪئي. جڏهن جلاوطني مان وطن واپس وريو ته کيس سندس ڳوٺ هالاڻي مان ڪراچي ۾ هل پارڪ ڀرسان نظربند ڪيو ويو. پر پوءِ به ڀُٽي کي ڦاسي جي سزا ملڻ بعد قاضي فيض محمد سندس جان بخشي لاءِ ضياءَ کي تارون ڪيون.
غلام مصطفيٰ جتوئي، ذوالفقار علي ڀٽي جي اوڻويهه سئو ستر چونڊن واري مهم ۾ خاص طور سندس تڏهوڪي نوابشاهه ضلعي ۾ انتهائي سرگرميون ڏيکاريون. هن جو ضلعي جي راڄن، توڻي جو سنڌ جي ڪيترن ئي خاندانن ۽ قبيلن ۾ اثر رسوخ به هو. ٻيو اليڪشني سياست جو مقامي طرح گهڻو تجربو هو، جو هو نوابشاهه لوڪل بورڊ جو سٺ واري ڏهاڪي ۾ چيئرمين به رهيو هو. چون ٿا ته حاڪم علي زرداري کي ايم اين اي لاءِ ٽڪيٽ پڻ غلام مصطفيٰ جتوئي ڏياري هئي.
ڀٽي جون انهيءَ مهم ۾ تقريرون سندس خاص ڊڪشن ۽ غيرروايتي اليڪشني واعدن سبب به ڪافي مشهور ٿيون، جيئن ڪڪري گرائونڊ لياري ۾ پنهنجي هڪڙي تقرير دوران هن چيو ته، “پيپلز پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ منهنجا وزير لياري جي رستن تي ٻهاريون ڏيندا” ۽ پنهنجي موري ۾ هڪڙي اليڪشني جلسي ۾ هن چيو ته، “منهنجي پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ هارياڻين سان گڏ غلام مصطفيٰ جتوئي جي گهرواري ماريه جتوئي به ڦٽيون چونڊيندي”. يعني مساوات…
(هلندڙ)