جتوئين جي ڪهاڻي … حصو ٻيون

0
98
جتوئين جي ڪهاڻي ... حصو ٻيون

ماريه جتوئي جيتوڻيڪ سياسي ذهن نه هئي پر شاديءَ کانپوءِ غلام مصطفيٰ جتوئي جي ٻانهن ٻيلڻ هئي. ماريه جو تعلق راولپنڊي  جي خاندان سان هو. اهي ٻه ڀينرون هيون، جن مان ماريه غلام مصطفيٰ جتوئي سان شادي کان اڳ ايئر هوسٽيس هئي.

                 پي پي پي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ذوالفقار علي ڀُٽي، غلام مصطفيٰ جتوئي کي وفاق ۾ سياسي مامرن جو وزير بڻايو. ڀُٽي جي اقتدار ۾ اچڻ جي ڪجهه مهينن اندر سموري ملڪ ۾ بدعنوانين جي الزامن هيٺ تيرنهن سئو وڏا ننڍا ڪامورا نوڪرين مان برطرف ڪيا ويا، جنهن جو اعلان ٽيليويزن تي غلام مصطفيٰ جتوئي هڪ هڪ جو نالو وٺندي ڪيو. انهن ۾ ڪيترا ڪامورا سنڌ مان هئا، جن ۾ گهڻا ته اهڙا به هئا، جيڪي ايماندار ۽ ديانتدار آفيسر هئا. انهن ۾ بخت علي خان جکراڻي جج به هو، جنهن چوٿين مارچ جي قيدين جون ضمانتون منظور ڪيون هيون. ايگريڪلچر جو ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالعزيز بلوچ به هو، جنهن نوڪري ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ چون ٿا  پنهنجي ڪٽنب جو گذران ڪرڻ ڪاڻ ٽئڪسي هلائي. ايڊيشنل سيشن جج ٺٽي جو ضياءُ الحسن شاهه به هو. شايد علي احمد بروهي پڻ . اِهي  اُهي آفيسر هئا، جن  تي ڀٽو ڪنهن نه ڪنهن طرح ناراض هو. انهن  تيرنهن سون ۾ منهنجي ڳوٺ جو محمد رمضان ڪلهوڙو پوليس انسپيڪٽر به هو، جنهن پنهنجي نوڪري جو گهڻو عرصو لاڙڪاڻي ۾ گذاريو هو. نئين ديري ۾ پنهنجي نوڪري دوران هن ڪو  ڀُٽي جي  وڏي بيگم، امير بيگم جي ڪنهن نوڪر جو ڪو ڪم نه ڪيو هو. کيس نوڪري کان برطرف ڪيو ويو. پوءِ اسانجو چاچو محمد رمضان هڪ چمڙي جي ٿيلهي ۾ ڪاغذ پٽ کنيو سندس نوڪري جي بحالي لاءِ سدائين ويگنن جي سفر ۾ رهيو، صبح ڪراچي، شام لاڙڪاڻو. جڏهن زيرن وڙن پيپلن وڏيرن کان چاچو رمضان آسرو پلي بيٺو ته پوءِ پير فقير وظيفي وارا ڀيٽڻ لڳو. پر سفر کان واپسي تي چاچو رمضان ڪئين ڪهاڻيون آڻيندو هو.

ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن انڊيا اندرا گانڌي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ شملا ويو ته سندس وفد ۾ غلام مصطفيٰ جتوئي به هو. ان وفد ۾ ڀُٽي ته جي ايم سيد کي وٺي وڃڻ پئي چاهيو، سندس پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ وزير اعظم سيڪريٽريٽ لکپڙهه به ڪئي پر پوءِ خاڪي  اسٽيبلشمينٽ ان تي اعتراض واريو. ان وفد ۾ بينظير ڀٽو، حيات محمد خان شيرپائو، تڏهوڪي سرحد صوبي جو وزير ارباب سڪندر خان خليل به هو. شملا ۾ اندرا گانڌيءَ سان ڳالهه ٻولهه مهل پريس سان بريفنگ جي ذميواري ڀُٽي، غلام مصطفيٰ جتوئي  تي رکي هئي.

پر اصل پارٽي جتوئيءَ جي تڏهن شروع ٿي، جڏهن اپريل 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪانووڪيشن ۾ جيئي سنڌ وارن ۽ عبدالحفيظ پيرزادي وچ ۾ کيس اعزازي ڊاڪٽوريٽ ڊگري ڏيڻ ۽ تڏهن “نئون آئين نه کپي” تي احتجاجي نعري بازي دوران ڏند چڪ ٿي ته هن کي اسماعيل وساڻ چماٽ وهائي ڪڍي. جڏهن ته تڏهوڪي گورنر بيگم رعنا لياقت علي خان سان به اڍنگو ورتاءُ ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجهه تڏهوڪي وزير اعليٰ سنڌ ممتاز ڀُٽي جي اتي موجودگيءَ ۾ ٿيو. باقي سڀ تاريخ آهي. ان تي ذوالفقار علي ڀٽو ممتاز ڀُٽي تي ناراض ٿيو ۽ سندس جاءِ تي غلام مصطفيٰ جتوئي کي سنڌ جو چيف منسٽر مقرر ڪيو. باقي هن جو سنڌ ۾ سڄو دور ممتاز ڀٽو – جتوئي ڇڪتاڻ جو دور آهي. تان جو پي پي پي جي شاگرد تنظيم سپاف به ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويئي، سپاف ممتاز ڀٽو گروپ ۽ سپاف جتوئي گروپ. جيتوڻيڪ ممتاز ڀُٽي کي وفاقي وزير بڻايو ويو هو پر سپاف جتوئي گروپ ۾ چڱو خاص انگ مخالف شاگرد تنظيمن جي سرگرمين جي پوليس مخبري ڪرڻ هوندو هو.

سنڌ جي ڪن قومپرست مرڪزي شاگرد اڳواڻن جا اندروني طور غلام مصطفيٰ جتوئي سان لاڳاپا هئا ۽ سندن تحريڪ ۽ ٻي مخالف ڌر جون خبرون جتوئيءَ کي پهچائيندا هئا. هڪ ڀيري ته ايئن ٿيو ته مير علي احمد ٽالپور جي بنگلي تي ٽنڊي مير محمود ۾ مخالف ڌر چاهي سنڌي قومپرست، چاهي کاٻي ڌر جو معراج محمد خان هجي، چاهي مير ضيغم ٽالپور – سڀئي هڪ ساڳئي شامياني هيٺ گڏ ٿيا هئا ۽ هڪ اتحاد نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو بنياد رکيو. ڪنوينشن جي  پڄاڻيءَ تي انهن مرڪزي شاگرد اڳواڻن مان هڪ کان وڌيڪ جتوئي کي ڪنوينشن جون خبرون پهچائڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي پر وڃي وٽس پهتا هئا. معنيٰ هر ڪو ساڳي اسائنمينٽ سان هو. الهه بچايو لغاري به اڳوڻو شاگرد اڳواڻ هو، جيڪو پوءِ جتوئيءَ جو پرائيويٽ سيڪريٽري ۽ اين پي پي جو ترجمان بڻيو.

سنڌ ۾ غلام مصطفيٰ جتوئي جي حڪومت ۾ جي ايم سيد سميت ريڪارڊ سياسي قيدي قيد هئا، جن ۾ گهڻائي قومپرستن جي هئي. ڪيترن جا وارنٽ گرفتاري جاري ٿيا هئا. ڪيترن جو پوليس کي گرفتارين لاءِ هٿ نه اچڻ تي انهن جي گهر جي عورتن کي ٿاڻن تي آندو ويو. مخالف ڌر جي سرگرمين تي اڪثر بندش هئي. جتوئي جي وڏ وزارت جي ڏينهن ۾ پير پاڳاري جي ڇهن حرن جا به قتل ٿيا. عطاءُ الله مينگل جو نوجوان پٽ اسدالله مينگل اڄ تائين غائب آهي. سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي بندش پئي. ڪانووڪيشن ڪيس کانپوءِ جي ايم سيد کي نظربند ڪيو ويو. هو ضياءُ الحق جي حڪومت اچڻ تائين نظربند رهيو.

ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ جي وڏي وزير غلام مصطفيٰ جتوئي کي سندس پارٽي جي سينيئر نائب صدر مخدوم طالب الموليٰ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر جتوئي اهڙي حڪم مڃڻ کان ٽارو ڪيو.

پردو ڪري ٿو…..

حسن درس چواڻي: “تارون ۾ تلوارون ڦرندڙ..” دور اچي ٿو، معنيٰ ضياءُ الحق ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ٿو. ڀُٽي جي حڪومت جا ٽائر اتاري ٿو ڇڏي. ذوالفقار علي  ڀُٽي کي ضياءُ الحق پنهنجن هٿ ٺوڪين ججن هٿان ڦاسي جي سزا ڏياري. سنڌ مان پير پاڳارو، الاهي بخش سومرو، ٽالپور برادران ۽ حاڪم علي زرداري سڀ ڀُٽي جي ڦاسي جي حق ۾ هئا يا  سومري جهڙا ماڻهو ارها به نه هئا. حاڪم علي زرداري ته ڀُٽي جي ڦاسي لاءِ راءِ هموار ڪرڻ لاءِ سنڌ جي دوري تي به نڪتو هو. گهڻا سال پوءِ جڏهن بينظير ڀٽو بدين جو دورو ڪيو، تڏهن ڀُٽي واري پارٽيءَ جي اڳوڻي ايم پي اي نبي بخش ڀرڳڙي بينظير جي مانَ ۾ چانهه پارٽي رکي هئي. جڏهن پارٽي جيالن بينظير کي ٻڌايو ته ان ساڳئي نبي بخش ڀرڳڙي  ڀُٽي جي ڦاسي لاءِ مهم هلائيندڙ حاڪم علي زرداريءَ جي بدين ۾ ميزباني ڪئي هئي ته بينظير اها سندس لاءِ چانهه پارٽي ٿڏي ڇڏي. ڪنهن ٿي ڄاتو ته اهو حاڪم علي زرداري بينظير ڀٽو جو سهرو ٿيندو، اهي ور ۽ سهرو جيڪي نوابشاهه ۾ ضياءَ جي ريفرنڊم ۾ ٺپا به هڻي رهيا هئا ته ان کانپوءِ غير جماعتي چونڊن ۾ حصو وٺندي پيءُ پٽ ضمانتون ضبط ڪرائي ويٺا هئا.

اهڙين حالتن ۾ غلام مصطفيٰ جتوئي ضياءَ جي تاريڪ دور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر طور سرگرم رهيو.

(هلندڙ)