جب هم بدلين گي تب بدلي گا

0
270
جب هم بدلين گي تب بدلي گا

ڪافي عرصو ٿيو آهي آرٽيڪل لکندي، ڪيترائي ڀيرا سوچيو، بارش جي تباهڪارين تي به لکڻ جي ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي پر ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ سيلاب شايد منهنجي لفظن کي به گڏ لوڙهي کڻي ويو. سئو ڀيرا قلم کنيو ۽ سئو دفعا ئي رکي ڇڏيو، ڇا لکان؟ تباهڪارين تي ڪو نوحو لکان يا صفِ ماتم وڇائي ويهان؟ جڏهن سوشل ميڊيا تي ٻڏندڙ علائقي جا ماڻهو پنهنجي حالت خود لکي ۽ ڏيکاري رهيا هئا ته انهن کان بهتر معلومات آئون ڪهڙي ڏئي سگهيس ٿي؟ ٻيو ڪم رهجي ويو هو سڀني کي گاريون ڏيڻ جو، اهو ڪم ته پورو سال ٿيندو رهي ٿو، اهو به جاري هو، مون وٽ ان مسئلي کي اڃا وڌيڪ بهتر طريقي سان سمجهڻ ان تي پڙهڻ ۽ پوءِ پنهنجي سمجهه مطابق ڪجهه گذارشون ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪجهه نه هو.

منهنجي ذهن ۾ اڪثر اهو سوال اڀري ٿو ته آخر اسين بدلجون ڇو نٿا؟ اوهان پنهنجي گهر ۽ ڀرپاسي جي بزرگن کان ماضي جا حال احوال ٻڌو ۽ پوءِ ان دور جي تاريخ پڙهو ته ٻنهي جا بيانيه اوهان کي مختلف نظر ايندا. مثال طور جيڪڏهن اوهان پنهنجي ڪنهن بزرگ کان ان جي جواني يا ننڍپڻ جي وقت بابت پڇو ته هو ان دور جي تعريف ڪندي نه ٿڪجندا ۽ جيڪڏهن اوهان ننڍپڻ ۾ پنهنجي وڏڙن کي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندي ٻڌو هجي ته توهان کي ياد هوندو ته هو تڏهن کان وٺي هاڻي تائين حالتن تي ماتم ڪندا آيا آهن. ٻئي طرف اوهان تاريخ جا ڪتاب کڻي ڏسو، ايئن لڳي ٿو جو ۱۹۴۷ع جي نه اڄ جي ڳالهه ٿي رهي آهي. ڀٽو صاحب جي دور ۾ ڊالر جي باري ۾ پڙهو ته اوهان کي لڳندو ته اڄ جي باري ۾ ڳالهه ٿي رهي آهي. يعني ملڪ ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع کان وٺي اڄ تائين نازڪ دور مان گذري رهيو آهي. پوءِ اسين ٿورو پنهنجي دانشور ڀائرن کان ماضي جي باري ۾ پڇون ته ويهين صدي جي اوائل جي ڳالهه ڪندا، جڏهن هجرت ڪري ويل اسان جا هندو سنڌي ڀائر معيشت کي هلائي رهيا هئا، ان وقت سنڌ جي خوشحالي ۽ خوبصورتي جي باري ۾ زمين آسمان هڪ ڪندي نه ٿڪجندا پر پوئتي رهجي ويل سنڌين جي بزرگن جا ان دور ۾ خيال ڪجهه مختلف هئا. اها الڳ ڳالهه آهي ڇڏي ويلن کي هر ڪو ياد ڪري روئيندو آهي.سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن هجرت ڪري ويندڙن سنڌ کي پيرس بڻائي رکيو هو ته انهن جي وڃڻ کانپوءِ هي گوانٽانامو بي جو قيد خانو ڇو بڻجي ويو. ان دور ۾ اسان جا بزرگ ڇا ڪري رهيا هئا؟ انهن جو سنڌ کي پيرس بڻائڻ ۾ ڪيترو هٿ هو ۽ اڄ سنڌ کي بدلائڻ ۾ اسان جو ڪيترو هٿ آهي؟ انسان اهڙو ئي آهي، جهڙا هن جا خيال آهن ۽ خيال اوهانجي ڀرپاسي جي حالتن ۽ ماڻهن جي اثر سان پيدا ٿين ٿا جيڪي آخرڪار عقيدي جي حد تائين مضبوط بڻجي وڃن ٿا جن کي بدلائڻ تقريبن ناممڪن آهي، فرد جي  شخصيت سندس پيدا ٿيڻ جي پهرين ڏينهن کان ئي ٺهڻ شروع ٿي وڃي ٿي، بلڪه ايئن چئو ته ماءُ جي پيٽ کان ئي شروع ٿي وڃي ٿي. ماءُ جو سوچڻ، ان جو کائڻ پيئڻ، ان جو ڳالهائڻ سڀ ڪجهه ٻار تي اثرانداز ٿئي ٿو ٻار قوم جي امانت هجي ٿو جنهن کي اڳيان هلي قوم کي ٺاهڻ يا تباهه ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻو هجي ٿو. ان جي تربيت پهرين گهر کان، پوءِ درسگاهه کان ٿئي ٿي، انهن ٻنهي تربيت گاهن ۾ ٻار تي ڪيترو ڌيان ڏنو وڃي ٿو، ان تي لکڻ وقت برباد ڪرڻ آهي.

بارش جي تباهين دوران سوشل ميڊيا تي پاڙيسري ملڪ ۾ رهندڙ هم زبان ڇوڪري سنڌ جي تباهي تي هڪ گانو ڳايو، جيڪڏهن توهان کي اهو گانو ملي وڃي ته ضرور ٻڌجو، هن ڇوڪري مصيبت جي ان گهڙي ۾ نوحو نه پڙهيو بلڪه هن اميد ڏياري آهي، اها ڇوڪري جنهن جو ملڪ ڪو ٻيو آهي پر پنهنجي بزرگن جي وطن جي حالتن تي ڏکاري ضرور هئي پر مايوس نه. هن اتان کان سوشل ميڊيا جو صحيح استعمال ڪندي اسان کي اها آس ڏياري ته حالتون قومن کي تباهه به ڪن ٿيون ۽ مضبوط به، پر مصيبت جي گهڙي ۾ سهارا ڳولڻ بجاءِ هڪ ٻئي جو هٿ پڪڙي سهارو بڻبو آهي.

هن وقت صرف اسان جو نه بلڪه پوري دنيا جو پهرئين نمبر تي جيڪو مسئلو آهي اهو آهي ڪلائميٽ چينج. ايندڙ هر سالن ۾ موسمي تبديليون اسان کي حيران ۽ پريشان ڪنديون رهنديون، ڪٿي گرميون ته ڪٿي سرديون وڌيڪ ٿينديون، ڪٿي ڏڪار ته ڪٿي سيلاب ايندو، دنيا تي اهي حملا منگولن جي حملن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن، اسان جهڙا ملڪ ته شايد پاڻ سنڀالي به نه سگهن. تمام گهڻي تحقيق جي ضرورت آهي، لڳي ايئن ٿو ته شايد فصل به نوان لڳائڻا پون، ڇو جو ڪائنات جو وجود هڪ ڦرندڙ ڦيٿي جيان آهي ۽ جيڪڏهن ان ۾ دخل اندازي ٿيندي ته ان جو ري ايڪشن به ٿيندو، پهريون ڀيرو يورپ ۾ ڏڪار جي صورتحال آهي، ڪيترائي درياءَ سڪي ويا آهن، ٿڌي موسم جي جهنگن ۾ جڏهن گرمي وڌي ته باهه لڳڻ شروع ٿي وئي، ڪجهه ڏينهن  پهرين ئي مون بي بي سي جي هڪ رپورٽ پڙهي جيڪا پاڪستان جي ليمن جي باغن بابت هئي، پهريون ڀيرو مونکي خبر پئي ته سڀ کان وڌيڪ ليمن جا باغ سنڌ ۾ آهن، اهي به شايد گهوٽڪي جي صحراءَ ۾! هڪ ڀيري گرمي جي ڪري گل به ڇڻي ويا، فروٽ جي پيداوار به تمام گهٽ آهي. ٿوري دير جي لاءِ اهو سوچيو ته خدانخواسته هڪ ڏينهن خبر پوي ته ڪڻڪ جي فصل ۾ داڻو ئي ناهي، سارين جي ڇلڪي ۾ چانور ئي ناهي، ڪمند جي فصل ۾ رس ئي ناهي ته اسين ڇا ڪنداسين؟ هونئن به ته اسين هر شيءَ هائيبرڊ ئي ته پوکي رهيا آهيون، ڪمپني سرڪار جنهن ڏينهن داڻو پاڻي بند ڪري ڇڏيو ته اسين ڇا ڪنداسين؟ خير، سوچڻ جو ڪم اسان جو ناهي، اسان جو ڪم ته صرف تنقيد ڪرڻ ۽ گاريون ڏيڻ جو آهي ۽ اهو اسين وڏي ايمانداري ۽ خاموشي سان وات ۾ گٽڪو وجهي سوشل ميڊيا تي ڪري رهيا آهيون، اسين جيڪي به آهيون، جنهن گهر ۾ به پيدا ٿيا آهيون ان جي مذهب جي ڪتاب کي پنهنجي زبان ۾ ضرور پڙهون، اوهان کي ان ۾ لکيل ڳالهيون حيران  ڪري ڇڏينديون، شرط اهو آهي ته ان جو ترجمو پنهنجي زبان ۾ ۽ دماغ کي نيوٽرل ڪري پڙهون. مون جڏهن پاڪ ڪتاب جي تفسير پڙهڻ شروع ڪئي ته عقل دنگ رهجي ويو، پهرين ڳالهه جيڪا سمجهه ۾ آئي اها ته جڏهن خدا پنهنجي بندي کي نصيحت ڪري رهيو آهي ته اهو شخص نصيحت کي ڪيئن سمجهندو، جيستائين اها ان تائين ان جي زبان ۾ نه پهچندي. ٻي ڳالهه جيڪا سمجهه آئي ته حقوق الله ته صرف چند آهن، باقي ته سڀ حقوق العباد آهن. سمجهه ۾ آيو ته انسان جو انسان تي ڪيترو وڏو حق آهي، اسين هڪ ٻئي جي بغير ڪجهه به ناهيون، چاهي اسين هڪ ٻئي کي سڃاڻندا هجون يا نه پر اسين غير محسوس طريقي سان هڪ ٻئي کان طاقت حاصل ڪريون ٿا، ان جو هڪ مثال ڏيان ٿو. ڪيترائي سال پهرين آئون ڪنهن دوست سان ملڻ لنڊن شهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ويس، رات جا تقريبن ۱۲ ٿي ويا، شايد اها آخري ريل هئي جنهن ۾‌آئون سوار ٿيس، شروع جي چند اسٽيشنن تي ڪجهه ماڻهو چڙهيا، جيڪي نشي جي حالت ۾ هئا، آئون اندر ۾ ڏاڍو خوفزده هئس ته اسان ڪاري چمڙي وارن کي ته هي پسند ناهن ڪندا، اندر جو شيطان جيڪڏهن نشي جي حالت ۾ ٻاهر اچي ويو ته؟ جيئن ريل ڊائون ٽائون جي ويجهو پهتي هر اسٽيشن تان ڪجهه ماڻهو چڙهڻ لڳا، ٻن ٽن اسٽيشنن کانپوءِ ايترا ماڻهو ٿي ويا جو منهنجو خوف ختم ٿيندو ويو. آئون سوچيندو رهيس ته هنن کي ته خبر به ناهي ته آئون انهن جو انتظار ڪري رهيو آهيان ۽ اسين هڪ ٻئي کي بغير نوٽيس ڪرڻ جي پنهنجي منزلن طرف هليا وينداسين پر اسان جو وجود هڪ ٻئي جي لاءِ ڪيترو ضروري آهي اها خبر مونکي ان ڏينهن پئي. اڳيان الله تعاليَ فرمائي ٿو ته مون ڪا شيءَ بي مقصد پيدا ناهي ڪئي، مون سوچيو ته مڇر کي پيدا ڪرڻ جو ڪهڙو مقصد هوندو؟ ڪوئو جيڪو فصلن کي نقصان پهچائي ٿو ان جو ڪهڙو مقصد هوندو؟ نانگ جو ڪوئي کي کائي وڃڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟ هي ته  سڀ نقصان پهچائڻ واريون شيون آهن، پر چون ٿا نه ته موتي ته سمنڊ جي تهه ۾ هجن ٿا مٿي ته پن ترندي نظر اچن ٿا، پاڪ ڪتاب ۾ ماکي جي تعريف ڪئي وئي آهي پر انسان جو وجود ماکي سان ڪيئن جڙيل آهي؟ هر سوال جو جواب مليو، جڏهن خدا ان هر ڳالهه تي زور ڏنو ته غور فڪر ڪريو، هڪ انسان آهي جنهن کي خدا سڄي ڪائنات کي تسخير ڪرڻ جي صلاحيت ڏني آهي. مون ڏٺو آهي ته انسان ئي پنهنجي گهر يعني ڪائنات کي تباهه ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي.

ايئن لڳي ٿو ته ايندڙ هر سال موسمي تبديليون آڻيندو، اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ڏينهن جي ضرورتن کي گهر ۾ ئي پورو ڪرڻو پوندو، اسان کي بوتلن ۾، ٻورين ۾ هر استعمال جي قابل شين ۾ مٽي وجهي پنهنجي چند ڏينهن جي خوراڪ پيدا ڪرڻي پوندي، ليمي جو هڪ ٻوٽو لڳائي جيڪڏهن اسين پنج رپين ۾ ڀر واري گهر ۾ وڪرو ڪريون ۽ ڀر وارو گهر اسان کي ڀاڄيون ڏي ان جي ڀر وارو گهر ڌاڻا مرچ ۽ اڳيون گهر سائو بصر ڏي ته هڪ اڌ مهيني جون ضرورتون ته اسين هڪ ٻئي کان ئي پوريون ڪري سگهون ٿا. برساتن ۾ دادو ضلعي جي ڪجهه نوجوانن جو حوصلو ۽ يقين ئي هو جنهن جي ڪري هو پنهنجي شهر جي بند  کي پنهنجي جسمن سان ٽٽڻ کان بچائي سگهيا، اهو يقين جيڪڏهن اسان کي پنهنجي رب ۽ پوءِ پنهنجي پاڻ تي ٿي وڃي ته دنيا جي ڪا به طاقت اسان کي تباهه نٿي ڪري سگهي، هي ظلم، تڪليفون، عذاب تيستائين ختم نه ٿيندا جيستائين اسين پنهنجي سوچ کي مثبت سوچ ۾ نٿا تبديل ڪريون.

بقول شاعر:

جبر ڪا موسم ڪب بدلي گا

جب هم بدلين گي تب بدلي گا

[email protected]