چيڪ (انٽريسٽنگ نيوز) جبل چاڙهو ٽولي کي ٻيلي مان قديم زماني جو خزانو هٿ آيو آهي، فرانس، بيلجيم ۽ عثماني سلطنت جا ڪرنسي سڪا شامل آهن. چيڪ ريپبلڪ ۾ ٻن جبل چڙهائيندڙن کي هڪ جبل واري ٻيلي ۾ پيدل سفر دوران لکين رپين جو قديم خزانو مليو. پرڏيهي ميڊيا موجب، ايسٽ بوهيمين ميوزيم خزاني کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ 598 سون جا سڪا، زيور ۽ تمباکو جا ٿيلها شامل آهن جن جو وزن لڳ ڀڳ 15 پائونڊ آهي. عجائب گھر موجب، اهي سڪا 1808ع يا 19 صدي جي شروعات جا آهن. اندازو آهي ته اهي 1921 کان پوءِ دفن ڪيا ويا هئا. انهن ۾ فرانس، بيلجيم، عثماني سلطنت، ۽ اڳوڻي آسٽريا-هنگري جا ڪرنسي سڪا شامل آهن. آثار قديمه کاتي جي سربراهه ميروسلاو نوواڪ چيو ته جڏهن چڙهائي ڪندڙن مون کي هي خزانو ڏيکاريو ته مان حيران ٿي ويس. هي خزانو انتهائي ناياب آهي. سڪن تي نشان ظاهر ڪن ٿا ته اهي 1918 ۽ 1992 جي وچ ۾ اڳوڻي يوگوسلاويا ۾ استعمال لاءِ ٺاهيا ويا هئا. ميروسلاو نوواڪ چوي ٿو ته اسان کي باقي شين جو تجزيو ڪرڻو پوندو، پر قيمتي ڌاتو جي موجوده قيمت جي مطابق، هن دريافت جي شروعاتي قيمت 340,000 ڊالر ٿي سگهي ٿي. هي خزانو جبل جي پيرن ۾ ڪيئن دفن ٿيو، ان بابت تحقيق جاري آهي. محققن جو خيال آهي ته هي خزانو نازي سپاهين ٻي عالمي جنگ جي آخر ۾ روسي فوجن جي پوئتي هٽڻ دوران لڪايو هو. قانون موجب، خزانو ڳوليندڙ خوش قسمت چڙهائي ڪندڙن کي انعام طور خزاني جو لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو ڏنو ويندو.