اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) صدر آصف علي زرداري ۽ وزير اعظم پاران پاڪستاني جبل چاڙهو نائله ڪياني کي ڪنچن جنگا چوٽي سر ڪندڙ پهرين پاڪستاني عورت بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. صدر آصف علي زرداري نائله ڪِياني جي دنيا جي ٽئين وڏي چوٽي سر ڪرڻ تي ساراهه ڪندي چيو آهي ته ڪوهه پئمائي جي شعبي ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ تي کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن ۽ مختلف شعبن ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. جبل چڙهڻ ۾ واري شعبي ۾ عورتن جو اڳتي اچڻ خوش آئند آهي. پاران نائله ڪِياني جي روشن مستقبل لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.  وزيراعظم پاران نائله ڪِياني کي ڪنچن جنگا چوٽي سر ڪندڙ پهرين پاڪستاني عورت جو اعزاز ماڻڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني رانديگر هر شعبي ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن.