ڪولمبو( م ڊ ) ايشيا ڪپ جي 9 ميچ ۾ پاڪستان کي ڀارت هٿان 228 رنسن تان شڪست، ان ڏس ۾ رزرو ڏي تي شروع ٿيل ميچ پاڪستان لاءِ مشڪل جو سبب بڻجي ويو شبمبن گل ۽ روهت جي ففٽين کانپوءِ ڪوهلي ۽ ڪي ايل راهول جون سينچريون، پهرين اننگ ۾ انڊيا پاڪستان کي 2 وڪيٽن جي نقصان تي 357 رنسن جو جبل جيڏو ٽارگيٽ ڏنو، ويرات ڪوهلي 122 ۽ راهول 111 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي، انڊيا جي بيٽرن پاڪستان بالرن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا راهول ۽ڪوهلي پاڪستاني بالرن کي ٺاهوڪو ڪٽڪو ڏنو، پاڪستاني بالرن ۾ شاداب ۽ شاهين 1-1 وڪيٽ ورتي، جبل جيڏي ٽارگيٽ جي پويان ڊوڙڻ لاءِ پاڪستاني بيٽر ميدان تي لٿا ته هڪ ٻئي پويان پويلين موٽندا ويا، پوري ٽيم 128 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، فخر 27 ، امام 9،بابر 10،افتخار ۽ سلمان 23-23 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، ڀارت طرفا ڪلديپ يادو 5 بمراهه ، پانڊيا ۽ ٺاڪر هڪ هڪ وڪٽ حاصل ڪئي.