جبر، مڪر ۽ جمھوريت

0
21
جبر، مڪر ۽ جمھوريت

ملڪ جي گاديءَ واري شھر کي ھڪ ڀيرو واٽن تي ورديون بيھاري پوري شھر کي رڪاوٽن سان ائين رچيو ويو آھي جو ھاڻي ھن شھر جو آفيشل نالو ڀلي اسلام آباد ھجي پر عملي طور تي ھِي شھر “ڪنٽينر آباد” بڻجي ويو آھي. سرڪاري آفيس جھڙو مزاج رکندڙ ھن شھر تي مقدر ۾ ھونءَ به لانگ مارچون، احتجاج ۽ انھن مٿان ڳوڙھا گيس جي شيلن ۽ پوليس جي لٺين جا وسڪارا نوان ناھن پر ھن به ڀيري اسلام آباد ۾ احتياط سان گڏ اُلڪو به آھي. ڇو ته ملڪي دارالحڪومت ۾ ھن مھل تائين بنگلاديش ۾ ڀڙڪي پيل باھ جي بُوءِ موجود آھي. جيتوڻيڪ ھاڻي ڍاڪا ۾ به زندگي روان دوان آھي پر ڪنھن وقت به ڪجھ ٿي وڃڻ جو اُلڪو سرڪار جي دِل ۾ سدائين رھندو آھي. ھونءَ ته تاريخ جون تمام گھڻيون عوامي سپورٽ سان لبريز سرڪارون به احتجاجن سبب پنھنجي پيشانيءَ تي سرديءَ ۾ به پگھر جا ڦُڙا وھندا محسوس ڪنديون رھيون آھن پر اھو اُلڪو انھن حڪومتن جي حصي ۾ ڪجھ وڌيڪ ايندو آھي، جن جي بُنياد ۾ مخلوق جي ووٽن جي سگھ نه ھوندي آھي پر اھي سرڪارون اسٽيبلشمينٽ جي بندوق جي سھاري تي بيٺل ھونديون آھن. اھوئي سبب آھي ته عام طور تي عالمي تاريخ ۽ خاص طور تي اسان جي ملڪ جي اتھاس ۾ اھي منظر عام جام ڏٺا ويا آھن ته جڏھن به عوام جا مڇريل انبوھ روڊن ۽ رستن جي نظر ايندا آھن ته انھن کي قانون احتجاج ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻ بدران انھن کان احتجاج جو اھو حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي، جيڪو جمھوريت جي بنيادي دستاويز ۾ موجود آھي. دُنيا جي مھذب ملڪن ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اھا ڪوشش ھوندي آھي ته، احتجاج مڪمل طور تي پرامن رھي ۽ ان سبب عوامي زندگيءَ ۾ ڪو خلل نه پوي.

ڪاش! ڪو اھڙو ڏينھن به اچي، جڏھن سرڪار نه ته شھري انتظاميا وچ ۾ احتجاج جي حوالي سان رڪاوٽن جو نه پر روڊن ۽ رستن جو تعين ٿيڻ لاءِ ميٽنگون ٿين ۽ اھڙين ميٽنگن ۾ ڪيل فيصلن تي ان طرح سان عمل ڪيو وڃي جو ھڪ طرف ٽريفڪ جو نظام به متاثر نه ٿئي ۽ ٻئي طرف احتجاج پنھنجي مڪمل آزاديءَ سان پرامن اختلاف جو اظھار ڪندو رھي. پر پاڪستان ۾ ھن مھل تائين ڪنھن به حڪومت مخالف ڌُر جي پرامن احتجاج جي حق کي عملي طور تي قبول نه ڪيو آھي. جڏھن نعرن جي جواب ۾ گيس جا شيل ڪرندا ۽ لٺيون وسنديون ته پوءِ احتجاج جو رُخ روڊن جي ٽريفڪ وانگر ڪنٽرول ڪري نه سگھبو. پر سوال اھو آھي ته سرڪارون ائين ڇو ڪن؟ ھڪ ته حڪومتن کي جڏھن به مٿي ۾ اقتدار جي ھوا ڀرجي ويندي آھي ته تڏھن انھن کي پنھنجي خلاف سس پس به سازش محسوس ٿيندي آھي. اھڙي ماحول ۾ ڪا به حڪومت پنھنجي خلاف ھلچل برداشت ڪرڻ نه چاھيندي آھي. اسان جي ملڪ ۾ سرڪارن کي ته سدائين اھو خطرو به رھندو آھي ته متان احتجاج جي آڙ ۾ انھن جي اقتدار کي وقت کان اڳ گھر ڀيڙو ڪيو وڃي. جڏھن سياست ۽ سازش جو سنگم ملڪ ۾ ڪو ڏوھ تصور نه ڪيو وڃي ۽ ان سبب ڪنھن کي به ننڍي وڏي عدالت علامتي سزا به نه ڏئي ته پوءِ نوڙيءَ کي نانگ سمجھي چٿڻ وارو عمل غير حيقيقي ڏر قرار ڏئي نه ٿو سگھجي. پاڪستان ۾ تر جيتري احتجاج مٿان تمام گھڻو تشدد ڪرڻ ۽ ان تشدد جي نتيجي ۾ عوامي زندگي تالان والان ٿيڻ جي ڪنھن حڪمران کي ان ڪري به پريشاني لاحق نه ھوندي آھي جو ان ڪلاس جي مفادن تي ڪو فرق نه پوندو آھي. انھن لاءِ وي آءِ پي لنگھ ۽ انھن جي حفاظت لاءِ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا جٿا گرم ڏينھن ۽ سرد راتين ۾ به سرگرم ھوندا آھن. ان ڪري ڪنھن کي ڇا پرواھ ته جيڪو احتجاج پرامن ٿي به سگھيو، اھو پرتشدد ڇو ٿيو؟

پاڪستان ۾ ھر قسم جي پلاننگ جا ادارا موجود آھن پر احتجاجن جي پلاننگ لاءِ ڪنھن سرڪار سوچيو به نه ھوندو. جيڪڏھن جديد يوٽوپيا ان جي ان ناممڪن مشڪريءَ کي ڪنھن طرح سان ممڪن بڻائي وٺي ته ان سان ملڪي سياست جي مزاج تي سنجيده اثر مرتب ٿي سگھن ٿا. پر جڏھن حڪومت پنھنجي خلاف ڪنھن به قسم جي چرپر کي چٿڻ جو عزم ڪري ويٺي ھجي ته پوءِ پرامن احتجاج ۽ پرتشدد احتجاج جي وچ ۾ ليڪو ڪڍڻ جي لاءِ اجازت ملڻ جو ڪو سوال ئي پيدا ٿي نه سگھي. ان ڪري پاڪستان ۾ احتجاج جي صورت ۾ مخالف ڌر جي مٿي تي سرڪاري سوٽيون لڳڻ جو عمل ڪنھن منطق ۽ دليل سان روڪي نه ٿو سگھجي، ڇو ته طاقت جو منطق الڳ ٿلڳ ھوندو آھي.

انساني تاريخ تشدد جو طويل داستان آھي. جڏھن ته ارتقاءَ جو عمل ان تشدد کي گھٽائڻ واري واٽ تي ھلڻ جو نالو آھي. انساني شعور وقت جي وھڪري دوران تمام گھڻن تجربن جي معرفت اھو معلوم ڪري ورتو آھي ته، تشدد سان وڻن کي وڍي سگھجي ٿو ۽ جانورن کي ھيسائي شينھن ۽ ٻڪريءَ کي ساڳئي پڃري ۾ بقاءِ باھم جو مثال بڻائي قيد ڪري سگھجي ٿو پر انسانن جي سلسلي ۾ اھو فارمولو فائدي بدران نقصان جو باعث بڻيو آھي. اھوئي سبب آھي ته ھن مھل تائين جتي جتي به تشدد ٿيو آھي، اتي تشدد سبب آمر حڪمرانن جي اقتدار کي توڙ تائين ھلندڙ تحفظ نه ملي سگھيو آھي. اھو ممڪن به ناھي. دنيا جا سمورا کنڊ ان حقيقت جا آئينا آھن. جيڪڏھن غلاميءَ واري دور کان وٺي انسانن جمھوري آزادين تائين انساني فڪر، ذڪر ۽ جدوجھد پنھنجي تحريڪ جاري رکي آھي ۽ جھڙي طرح سامراج بندوق جي جبر کان سياسي مڪر تائين پاڻ کي سسايو ۽ سوڙھو ڪيو آھي، ان مان به اھو ثابت آھي ته جبر جي روش ڪڏھن جابر جو اقتدار محفوظ رکي نه ٿي سگھي. سرد جنگ جي دور ۾ انساني آزادين مٿان مارشلائن جا ڌڪ ھن ڌرتيءَ کي غلام گولو نه بڻائي سگھيا.

“تاج ڪيانيءَ جا

تڇ تماشا سڀ ھئا

آني جانيءَ جا”

ڪيڏانھن ويا اھي نازي جرمن، جن کي دماغ مٿان پوري جڳ مٿان حڪومت ڪرڻ جو جنون حاوي ٿي ويو ھو؟ ڪيڏانھن ويا اھي رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ڏکڻ آفريڪا کي ڏکن جو ڏيھ بڻائڻ وارا اھي گورا، جن کي ھڪ ڏينھن نيلسن منڊيلا جي اڇن وارن آڏو آڻ تسليم ڪرڻي پئي. ڪيڏانھن ويا خود اسان جي ملڪ جا آمر، جن جي وات مان داداگيريءَ وارا لفظ ديس ۾ ڌپ پيدا ڪندا ھئا. ڪيڏانھن ويون انھن جون ڪاھون ۽ انھن جا ڪوڙا ۽ انھن جون ڦاسيون ۽ انھن جا ڦٽڪا؟ جن کي پنھنجي شھباز ھجڻ جو ڀرم ھو ۽ ھو پاڻ کي اقبال جو شاھين سمجھندا ھئا ۽ انھن جي لاءِ ماڻھن جي مٿان چڙھايون لھو گرم رکڻ جو بھانو ھيون ۽ جيڪي عوام کي جھرڪي سمجهي عقابن وانگر الرون ڪندا ھئا، جڏھن ڌرتي جاڳي ته انھن کي پرامن ٻگهلن جي صورت ۾ پاڻ کي پنھنجن پرن ۾ پناھ ڏئي لڪندو ڏٺو ويو. ڇو ته وقت ڪنھن کي به ايتري وٿي نه ڏيندو آھي جو ھو ابد تائين پاڻ وڻنديون ڪندو رھي.

ٽين دنيا جي ڪم عمر ۽ ڪم عقل ملڪن ته ڪجھ به نه ڏٺو آھي. جن ملڪن کي طويل جنگين جو تجربو آھي. جن ملڪن بارود ۽ بندوقون ايجاد ڪيون. انھن ملڪن کي به نيٺ اھو تسليم ڪرڻو پيو، اصل طاقت بندوق ۾ نه پر مخلوق ۾ آھي. جڏھن ته مخلوق جي ترقي جو راز ان قانون ۾ رکيل آھي، جيڪو انسانن ۾ ڪا تفريق نه ٿو ڪري. تشدد سان سياسي مخالفن کي وقتي طور تي دٻائي سگھجي ٿو پر خود اسان جي ملڪ ۾ آمريتن جو انجام ٻڌائي ٿو ته جڏھن ڊڪٽيٽر پنھنجو پاڻ کي پختو محسوس ڪندو آھي ته اچانڪ ان مٿان وڄ جا وار ٿيڻ لڳندا آھن ۽ عوامي ردعمل موسلاڌار مينھن بڻجي وسڻ لڳندو آھي. ڪنھن ٿي ڄاتو ته پاڻ جي فيلڊ مارشلا جي ٻلن سان سجائي عوام کي بنيادي جمھوريت جا سبق ڏيندڙ آمر ايوب کي آخر ۾ اھڙا نعرا ٻڌي اقتدار تان رخصت ٿيڻو پوندو جو بعد ۾ ٽرڪن جي پويان پنھنجي تصوير مٿان لکيل ھندستاني گاني جا اھي ٻول به ھن جي ٽُٽل دل جو ڪائو جوڙي نه سگھيا، جنھن جا لفظ ھئا:

“تيري ياد آئي، تيري جاني ڪي بعد”

ڪاش! اقتدار وڃڻ کان پوءِ جيڪو عقل سياستدان جي دماغن ۾ اھاءُ ڪرڻ لڳندو آھي، ان جو ڪو ترورو انھن کي ان مھل به نظر اچي، جڏھن انھن جي اشاري تي پرامن شھرين جا در ٽوڙيا ويندا آھن ۽ انھن جي گھرن مان گھنگھور راتين دوران رڙيون ٻڌڻ ۾ اينديون آھن.

جنرل ضياءَ جي سياسي مبصر “ماڊل ڊڪٽيٽر” وارو ٽرم استعمال ڪندا ھئا پر ڇا ھن کي اھا پروڙ ھئي ته ھن جو 77ع وارو ڏوھ ھن مٿان 83ع ۾ عوامي احتجاج جو سبب بڻبو؟ جڏھن ته اھو احتجاج به عام احتجاج نه ھو. اھو احتجاج ھڪ تحريڪ ھئي. اھا تحريڪ جن جيلن کي سياسي قيدين سان سٿي ڇڏيو.

“ٿاڻي مٿان وڄ

آکي وردي وائڙي

ھٿ ڪڙيءَ کان ڊڄ”

پرويز مشرف جو جبر به پنھنجي منطقي انجام تي پھتو. آخر ۾ ھر آمر جي اھا کل لھندي آھي، جنھن ۾ ھڪ ٻڪري پاڻ کي شينھن سڏائي ماڻھن جي مٿان دادگيري ڪندي آھي.

جبر جي تاريخ تلخين سان ڀرپور آھي. جيڪڏھن انساني آزادين کي جبر نه جڪڙي سگھيو ته پوءِ انھن کي مڪر ڪيترو وقت قابو رکي سگھندو؟ جڏھن آمريت پسند قوتون سڌي طرح سان عوام کي پنھنجي مرضيءَ ۽ مفادن مطابق ھلائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي سلسلي ۾ سڌو وار نه ڪري سگھنديون آھن ته پوءِ اھي پنھنجي منھن تي مڪر جو نقاب چاڙھي اينديون آھن. مڪر جبر جو مجبور روپ آھي. جبر واريون حڪومتون جمھوريت جي نالي ۾ جڏھن مڪر ڪري ماڻھن کان پرامن احتجاجن جو حق کسي وٺنديون آھن، تڏھن ماحول ۾ ھڪ قسم جو اھڙو دٻاءُ پيدا ٿي پوندو آھي، جنھن جي ڪري انھن بادلن جي برسڻ جو عمل فطري بڻجي ويندو آھي، جن بادلن جي جل ڌارا ۾ جبل به ڪک پن وانگر لُڙھندا نظر ايندا آھن.