جاگيرداري سياست ۽ سنڌ جو مستقبل

0
69
بحرانَ ۽ ملڪ جو الميو

  سنڌ جو سماج پنهنجي پيداواري رشتن ۾ ايترو طاقتور ناهي جنهن کي اسان سرمائيدارانا سماج يا صنعتي سماج چئي سگھون. سنڌ هن ملڪ جي معاشي ۽ پيداواري رشتن ۾ پنجاب کان ۽ خاص ڪري سينٽرل پنجاب کان گھڻي حد تائين پوئتي پيل آهي پر سنڌ مجموعي طور تي پنهنجي سماجي جوڙجڪ ۾ ايترو به پوئتي ناهي جنهن کي جاگيرداري ، معاشي ، سماجي ، زنجيرن جو جڪڙيل سماج سڏيون. سنڌ پنهنجي تاريخي ارتقا ۾ جن تضادن ۽ ٽڪرائن مان گذرندي اڳتي قدم وڌايا آهن اها ارتقا ڪافي سماجن کان تمام گھڻي مختلف ۽ منفرد نظر ايندي. سنڌ پيداواري رشتن ۾ ڪمزور هجڻ جي باوجود پنهنجي سماجي ۽ سياسي شعور ۾ تمام گھڻي مزاحمتي رهي آهي پر تاريخ جي اها هڪ وڏي ستم ظريفي سنڌ سان جڙيل آهي جو سنڌ پنهنجي سياسي مزاحمت جو رشتو پنهنجي قومي ۽ سماجي حقن جي حاصلات سان جوڙيندي هڪ اهڙي تاريخ جي تضاد ۾ الجھي وئي جنهن مان نڪرڻ هن جي لاءِ هڪ سواليه نشان بڻيل آهي. سنڌ پاڪستان جي رياست جو هڪ مضبوط ۽ طاقتور حصو آهي جنهن رياست ۾ هر وقت سياسي تضاد ٽي رخا رهندا آيا آهن.

پهريون تضاد اسٽيبلشمينٽ ۽ پاپولر ليڊر يا سياست جو رهيو آهي ٻيو تضاد گھڻ قومي رياست هجڻ ڪري هتي قومي تضاد رهندو آيو آهي ۽ ٽيون عوام جو معاشي سماجي استحصال جيڪو هڪ وقت رياست جي ادارن سان رهندي جن ۾ هنن جو امن ، انصاف ۽ حق ملڪيت سان گڏوگڏ تعليم، صحت ۽ امن جي حوالي سان رهندي هتان جي رولنگ ڪلاس جي جبر ۽ استحصال سان گڏيل رهندو آيو آهي. سنڌ جو عوام انهن ٽنهي تضادن سان هر وقت مهاڏو اٽڪائيندو رهيو آهي انهن ۾ ڪڏهن هڪ تضاد وڌي ٿو وڃي ته ڪڏهن ان وڌيل تضاد کي وري ڪو ٻيو تضاد پنهنجي وهڪري ۾ گڏائيندي پنهنجو اثر وڌائي ٿو وڃي. خاص ڪري 1970ع جي اليڪشن کان پوءِ پاڪستان جي هن حصي جنهن ۾ پاڻ رهون ٿا پ پ پ جي باني ذوالفقار علي ڀٽي طبقاتي سياست جو نعرو بلند ڪيو. هن جي معاشي پروگرام ( اٽو ، لٽو ۽ اجھو ) عوام کي ڪيترو اٽريڪٽ ڪيو ۽ عوام ان نعري کي سياسي ۽ معاشي بنيادن تي ڪيترو ۽ ڪيئن سمجھيو ان جو تفصيلي تجزيو گھڻي حد تائين ته ٿي چڪو آهي تنهن ڪري انهيءَ تي گھڻوورجاءُ نٿا ڪريون ليڪن ان حقيقت کان ڪو به سمجھه ڀريو ماڻهو انڪار نٿو ڪري سگھي ته ان طبقاتي نعري ماڻهن ۾ هڪ وڏو اتساھه ۽ خوشحالي جي اميد پيدا ڪئي هئي.

ليڪن انهيءَ کان وڌيڪ هن نعري سان گڏوگڏ ذُوالفقار علي ڀٽي تمام گھڻي جاگيردار مخالف سياست کي طاقتور انداز سان هڪ تحريڪ جي صورت ڏيندي اڳتي وڌايو هو ڇو ته ذوالفقار علي ڀٽو اهو ٺيڪ طرح سان سمجھي پيو ته هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جو طاقتور اتحادي سياسي گروھه يا ٽولو جاگيردارن جو رهيو آهي، جيستائين جاگيردار جي سياسي طاقت ڪمزور نه ڪبي تيستائين پنهنجي سياست کي عوامي طاقت سان وڌائڻ انتهائي مشڪل ۽ ناممڪن حاصلات جو عمل ٿيندو ۽ اسٽيبلشمينٽ کي به ان وقت تائين پنهنجي ٽيبل تي نٿو ويهاري سگھجي جيستائين سياسي طاقت ۽ سياسي سگھه يعني عوامي اڀار جي صورت ۾ هن سان گڏ نه هوندي. پاڻ ان وقت جي هڪ ٻئي انتهائي پاپولر ۽ مضبوط اڳواڻ شيخ مجيب جو گھڻو ذڪر نٿا ڪريون توڙي جو انهيءَ جي سياست جا اثرات واضح صورت ۾ هتي پئجي رهيا هئا پر گھڻو ڪري سنڌ ۽ پنجاب جي اندر عوامي ليگ کي وڏي موٽ مليل نه هئي ليڪن ذوالفقار علي ڀٽي کي خبر هئي ته مستقبل جي سياسي ڌارا شيخ مجيب جي حق ۾ ئي ويندي تنهن ڪري هن الڳ يعني پاڪستان جي اندر قومي سوال کان هٽي طبقاتي سياست ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽي هتي سرمائيدار 22 خاندانن تي تنقيد ۽ انهن جي خلاف مهم هلائي پر انهيءَ کان وڌيڪ ان جاگيردارن تي تنقيد ڪئي ۽ 70 جي اليڪشن ۾ تقريبن ڪلاسيڪل جاگيردار ڀٽي جي سياسي مروڙ ۾ چيڀاٽجي ويا.

انهن کي ڪمزور ۽ نستي ڪرڻ کان پوءِ ڀٽي ان ئي طبقي جي تمام گھڻن فردن کي سڌي ۽ اڻ سڌيءَ طرح پنهنجي سياسي اثر ۽ پارٽي ۾ آڻڻ جي حڪمتِ عملي اختيار ڪئي. هن ملڪ جي سياسي تضادن، سياسي پارٽين ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ٽڪرائن ملڪ کي ٽوڙي ڇڏيو، بچيل ملڪ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي سياسي گرفت وڌيڪ مضبوط ٿي. هن  جيڪي به معاشي اصلاحات آندا پر انهيءَ کان وڌيڪ هن پنهنجي سياسي طاقت ۾ واڌاري آڻڻ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا ۽ ان وقت هن جي خلاف ملڪي ۽ عالمي حالتون جنهن نهج تي پهتيون هيون ان جو فائدو وٺندي جنرل ضياءَ الحق 77ع جي اليڪشن کان پوءِ ڀٽو مخالف تحريڪ جو فائدو وٺندي مارشل لا لڳائي. پاڻ گھڻي تفصيل ۾ نٿا وڃون پر ڀٽي جي گرفتار ٿيڻ کان هن جي قتل تائين هن ملڪ جي سياست تي جيڪي به گھرا اثر پيا انهيءَ جو سڀ کان وڌيڪ اثر ۽ ڀٽي جي قتل جي دردناڪ ڪيفيت سنڌي عوام جي سيني ۾ ڌڙڪندي رهي. ايم آر ڊي جي تحريڪ کان پوءِ سنڌ واضح صورت ۾ هڪ جذباتي سياسي ڌارا ۾ داخل ٿي وئي هئي.

تاريخ ۾ هي ٻيو ڀيرو هو جڏهن هڪ دفعو ڀٽي عوام ۾ جاگيردارن خلاف  تحريڪ اڀاري ۽ ٻيو ڀيرو سنڌ جو عوام وڏي شدت سان اينٽي اسٽيبلشمينٽ ۽ اينٽي فيوڊل پنهنجي سياسي اظهار سان اڳتي وڌيو. ضياءَ جي حادثاتي موت 88ع جي اليڪشن ۾ سنڌ هڪ اهڙو سياسي طوفان جو منظر پيش ڪيو جنهن ۾ پير ، مير ، ڀوتار ، سردار ۽ جاگيردار جيڪي به عوام جي اڳيان آيا عوام انهن سڀني کي لتاڙي اڳتي وڌيو. اسان کي هي به نظر اچي پيو ته تڏهن پ پ پ جي سياسي تحريڪ ۽ محترمه بي نظير ڀٽو جي اثر کي زائل ڪرڻ جي لاءِ نواز شريف “جاگ پنجابي جاگ تيري پڳ نو لگ گيا داغ ” جو نعرو وڌايو. تڏهن ڪراچي ۾ ڀائي لوگ تعصبي سياست سان ڪراچي ، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جتي اردو ڳالهيندڙ آهن انهن کي پنهنجي گرفت ۾ آندو. هاڻي سنڌ جو عوام هڪ طرف اينٽي اسٽيبلشمينٽ رهندي اينٽي فيوڊل يعني جاگيردار مخالف سياسي عمل ۾ متحرڪ هو ته ان جو ان سان گڏوگڏقومي تضاد به اڀري آيو. 1990ع جي اليڪشن تائين سنڌ جو سياسي منظر نامو وري پ پ پ جي حق ۾ اهوئي نظر آيو ته هن کي اسٽيبلشمينٽ هٽايو هو. ڪراچي جا نسلي تضاد  ن ليگ جي پنجاب پرستاڻي سياست پ پ پ کي ڊبل ڪارڊ ڏنا جو هڪ وقت سنڌي قيادت جي حوالي سان قوم پرست به تصور ٿيڻ لڳي ۽ ٻئي طرف مظلوم به. ان دوران محترمه بي نظير ڀٽو پ پ پ تي ڪارڪنن ۽ عوامي گرفت کي تنظيمي لحاظ کان ڪمزور ڪندي پوري پارٽي جا عهديدار تعلقن کان صوبائي ڪميٽي تائين ۽ مرڪزي ڪميٽي تائين انهن ڀوتارن ۽ دولتمندن کي مقرر ڪيو جيڪي هڪ دور جي آمريتن جا اتحادي رهيا يا انهن جا پوئلڳ. ان ڪلاس جي مٺ جيترن ماڻهن پ پ پ جو بري وقت ۾ ساٿ ڏنو هو.

ايم آر ڊي جي تاريخ ۽ پ پ پ جي تاريخ جيڪڏهن اڳيان رکبي ته تمام ڪردار صاف ۽ چٽا نظر ايندا پر اقتدار جي محلن ۾ رهندڙ ماڻهو پنهنجي پوري طاقت سان پ پ پ ۾ شامل ٿيندي وڌندا ئي نظر آيا. محترمه جي شهادت کان پوءِ پارٽي تي سندس مڙس آصف علي زرداري جي گرفت تمام گھڻي مضبوط ٿي وئي ۽ هن پنهنجي ان گرفت کي وڌيڪ طاقتور ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح سان پارٽي جاگيردار طبقي سان سٿي ڇڏي آهي. اها سنڌ جيڪا اسٽيبلشمينٽ رياستي ادارن ۽ جاگيرداري طبقي جا ظلم مسلسل برداشت ڪندي رهي ۽ جنهن جي نظر ۾ پ پ پ مظلوم ۽ سنڌي عوام جي ڀرجھلو پارٽي رهي، هاڻي انهيءَ ۾ جڏهن مڪمل طور تي جاگيردار قابض ٿيو آهي ته ان جي فطري سياست يعني ان جي پنهنجي طبقاتي ڪيمسٽري سياسي طور تي اها ئي نظر ٿي اچي جنهن ۾ ڪنهن به سياسي مخالف کي جمهوري اخلاقي بنيادن تي برداشت نه ڪرڻ، حڪومت جي وسيلن کي پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن جي لاءِ استعمال ڪرڻ، سرڪاري نوڪرين ۾ اقرباپروري جي بنيادن تي نوڪري ڏيڻ، پوري سياسي پارٽي جي تنظيمي ۽ پارٽي اسٽرڪچر کي ختم ڪري پنهنجا گروھه مسلط ڪرڻ عوام کي بنيادي حقن ۽ سهولتن جن ۾ تعليم ، صحت ۽ امن امان جي پرواھه نه ڪرڻ، بلڪه انهن ادارن جي اندر پنهنجن پنهنجن ماڻهن جي ڀرمار ڪرائي ۽ انهن جون پوسٽون ڪرائي تمام ترقياتي ۽ ادارن جي بنيادي فنڊن جو بدترين طريقي سان استعمال ڪندي ڪرپشن ڪرڻ، پنهنجن علائقن جي اندر تمام سرڪاري ادارن ۽ آفيسن کي سختي سان ان نقطي تي پابند ڪرڻ جاگيرداري فطرت ۾ شامل هوندي آهي ته عوام جو ڪو به ڪم سندن  چوڻ کان سواءِ نه ڪن.

اسان کي جاگيرداري سياست جي مزاج جي اها پوري ڄاڻ آهي ته هو عوام جي خدمت ڪرڻ جو تصور هنن جي لاءِ حقارتي بنيادن تي هجي ٿو. رياست جي وسيلن کي پنهنجي لٽ مار ۽ طاقت جي لاءِ استعمال ڪرڻ ان طبقي جي فطرت ۾ شامل هوندو آهي. هن وقت لوڪل باڊي جي اليڪشن ۾ اهي منظر عام نظر آيا جو پارٽي جون ٽڪيٽون هر بنگلي جي حصي پتي ۾ ورهايون ويون ۽ انهن ڀوتارن بنگلن پنهنجي پنهنجي مرضي سان اهي ٽڪيٽون ڏنيون. پوليس جو استعمال اليڪشن ضابطن جي ڀڃڪڙي برادري، دٻدٻو، هٿيارن جي نمائش، سرڪاري وزير ۽ مشير کلي عام اليڪشن عمل ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندا رهيا. ايتري حد تائين جو اسان جي آڏو سوشل ميڊيا تي وقتي گورنر ماڻهن کي گاريون ۽ بجا ڏيندي نه رڳو نظر پيو اچي پر سڌا حڪم هلائيندي به ڀوتار نظر آيا ته ڪنهن کي، ڪهڙي پولنگ ڪيترو وقت هلي جو کين نتيجا انهن جي مرضي مطابق ملي سگھن. هن وقت سنڌ پنهنجي شعور ۽ مزاحمتي طاقت سان جاگيرداري سياست جي ڪوڙڪي ۾ بري طرح سان ڦاٿل آهي جنهن ۾ کلي عام ڏوهاري ۽ ڪرپٽ ماڻهو سياسي طاقت سان حڪومتي ادارن ۾ رڳو مداخلت نٿا ڪن پر اهي سڀئي ادارا پنهنجي مرضي ۽ منشا سان ايئن هلائي رهيا آهن جيئن انهن جي منشين جون ڪوٺيون هجن. ڇا اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جو سياسي مستقبل تاريخ جي ڏکين چئلينجن جو مقابلو ڪري سگھندو؟ سنڌ جي عوام دوست سياست کي روايتي تنقيدن ۽ روين کان هٽي هڪ ڀرپور عوامي ، سياسي سگھه سان مقابلو ڪرڻو آهي ۽ ڪردار ادا ڪرڻو آهي.

جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته سنڌ مستقبل ۾ جاگيرداري جي  اونداهي  دور ۾ داخل ٿي ويندي.