ٺٽو (رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته جاگيرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور بڻيل آهي ۽ سنڌ مٿان مسلط ڪيل جاگيرداري طبقي خلاف سڄي سنڌ ۾ اچو ته سنڌ سنواريون، جاگيرداري مردا آباد ۽ انقلاب زندآباد  جي سري هيٺ ڀرپور مهم هلائي بيداري آندي ويندي، ٺٽو ۾ سجاول ٺٽو پراڻي بس اسٽاپ تي منعقد ڪيل  جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ جي مفاد پرست جاگيردارن مان جند ڇڏائي سنڌ جي اقتدار اعليٰ تي پورھيت ۽ نوجوانن کي پھچائنداسين، ڇاڪاڻ  جو جاگيرداري نظام سنڌ تي ناسور بڻيل آهي ۽ جاگيردارن سياست کي ڪاروبار بڻائي سنڌ کي لٽڻ ۽ ڦرڻ کانسواءِ ڪجھه به ناهي ڏنو، هن چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي سنڌ ۾ عزت، آجپو ۽ خوشحالي چاھي ٿي ۽ سنڌ جا ڪروڙين ماڻھون پڻ جاڳيرداري نظام خلاف نفرت جو اظھار ڪري چڪا آھن. جيڪي پنھنجي ايندڙ نسل کي خوشحال ۽ عزت ڀريو ڏسڻ چاھين ٿا. ھن چيو ته پي ڊي ايم کي سڄي سنڌ مان گورنر لاءِ  ٻيو ڪيرنه مليو ۽ گورنر لاءِ مليو ته مئٽرڪ فيل ڪامران ٽسوري مليو، جنهن کي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو آهي،  جڏهن ته جلسي کي نثارڪيريو، سيد جلال شاھ، ڊاڪٽر سومار مڱريو، امتياز سمون، شاھنواز سيال، حورالعين جماري ۽ ٻين خطاب ڪيو.