حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ ليکڪن چيو آهي ته سنڌ جي وسيلن ۽ زمين تي قبضن لاءِ ملڪ جون طاقتور ڌريون، جاگيردار ۽ سرمائيدار هڪ ئي پيج تي بيٺل آهن، جاگيردارن مان جان آجي ڪرائڻ بنا سنڌ سورن مان نڪري نه سگهندي، ملڪ ۾ نظرياتي، سياسي، معاشي ۽ انتظامي تبديلي کانسواءِ مظلوم قومن لاءِ ڪنهن چڱائي جو رستو نڪري نه سگهندو. اهڙو اظهار هنن حيدرآباد روشن خيال فورم پاران سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي ڊاڪٽر اين اي بلوچ هال ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر بخشل ٿلهو جي لکيل ڪتاب ”قوم، قومپرستي ۽ قومي سوال“ تي ڪوٺايل اڀياسي ويهڪ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. سينيئر قومپرست اڳواڻ ۽ قانوندان حسين بخش ٿيٻي چيو ته تاريخ جي جن حصن کي سچ ۽ درست سمجهجي ان تي ضرور لکڻ گهرجي ۽ جيڪا تاريخ اندازن ۽ تعصب جي بنياد تي لکبي آهي اها ردي جي حوالي ٿيندي آهي پر ان سان بگاڙ به پيدا ٿئي ٿو. ڪتاب جي ليکڪ ۽ عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري بخشل ٿلهو چيو ته کاٻي ڌر ۾ رڳو سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ نه آهن پر کاٻي ڌر ۾ اهي قومپرست به اچي وڃن ٿا جيڪي سامراج سان ٽڪراءُ ۾ اچي مهاڏو اٽڪائين ٿا ۽ اهو ضروري به ناهي ته قومي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ به رڳو قومپرست هجن. هن چيو ته ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي کٽل شيون هونديون پر ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پورهيت مزاحمت تحريڪ جي صدر مسرور شاهه چيو ته هي ڪتاب سياسي نثر آهي. اڄڪلهه سياسي نثر نٿو لکجي. دنيا ۾ قومپرستي اڄ جو اهم سوال آهي. اسٽالن به قوم جون خاصيتون پنهنجي زمين، ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ بيان ڪئي. نيشنلزم جو بنيادي مقصد پنهنجو وطن، خودمختياري ۽ آزادي آهي، ليکڪ امير چانڊيو چيو ته لکڻ تمام گهڻو ڏکيو ڪم آهي. لکڻ ۽ پڙهڻ هڪ تسلسل جو نالو آهي جيڪو ڪڏهن به ختم ناهي ٿيڻو. هن چيو ته 60ع واري ڏهاڪي ۾ قومي سوال اڀري آيو ۽ ان کانپوءِ قومپرست سياست عوامي سياست طرف وڌي. ڊاڪٽر بخشل ٿلهي جو ڪتاب ٽن بابن تي مشتمل آهي. ڊاڪٽر شعبان سهتو چيو ته قومپرستي 20هين صدي جو طاقتور نظريو رهيو آهي. ان نظريي دنيا جي نقشي کي تبديل ڪري ڇڏيو. قومپرستي محڪوم قومن جو اڄ به طاقتور اظهار آهي. قومون اڄ به سياسي ۽ معاشي طور تي جبر جو شڪار آهن پر اسان وٽ قومپرستي دفاعي انداز ۾ هلي ٿي. طبقاتي جدوجهد جي اڳواڻ سعيد خاصخيلي چيو ته قومي سوال دنيا اندر شدت سان موجود آهي جنهن جو مثال فلسطين سميت ٻين ڪيترن ئي قومن جي آزادي ۽ حق خوداختياري واريون جدوجهدون آهن. روشن خيال فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر حميد سومري چيو ته اسان جو مقصد سياسي ۽ نظرياتي بحثن جون ويهڪون ڪرائڻ ۽ صحتمند سرگرمين کي هٿي ڏيارڻ آهي. ڊاڪٽر بخشل ٿلهي جي ڪتاب تي اڀياسي ويهڪ منعقد ڪري سياسي نثر لکندڙن جي همت افزائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.