جاگرافي سيريز پوسٽ … يورپ کنڊ جو خوبصورت ديس قبرص … جاويد حالتي

0
38

  قبرص جيڪو برطانيه جي ڪالوني هيو ۽  ٺاهوڪي مزاحمت ڪري 1960 ۾ هڻي هنڌ ڪري آزادي ماڻيائين.

لوڪيشن: يورپ وڇ اوڀر ،ڏکڻ ۾ ترڪيه

                          سال 1963 ۾ ملڪ جي ٻن ڪميونٽين يوناني قبرصي جيڪي اڪثريت ۾ پڻ هيا ۽ ترڪش قبرصي جيڪي اقليت ۾ هيا وچ ۾ لساني فساد ٿيا ۽ گادي جي شهر نڪوسيا ۾ گوڙ گهمسان وڌي ويا .  اقوام متحده کي پنهنجون امن فوجون لاهڻيون پيون ۽ ان بعد جهيڙا وڌڻ سبب ترڪش قبرصين کي جزيرو ڇڏڻو پيو .

                         1974 ۾ حڪومت جي مدد سان يوناني قبرصين صدر کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ترڪي جي فوج جي مداخلت سبب ترڪن جزيري جي هڪ حصي تي قبضو ڪيو ۽ 1983 ۾ ترڪ قبرصين جي قبضي ۾ آيل حصي کي ترڪش ريپبلڪ آف اتر قبرص جو نالو ڏنو ويو جنهن کي صرف ترڪي تسليم ڪيو .

                          اڄ قبرص ۾ 71 سيڪڙو زمين اصلي يوناني قبرصين جي آهي ۽ 28 سيڪڙو ترڪ قبرصين وٽ آهي . اڄ جي پوسٽ 71 سيڪڙو واري قبرص جي آهي جيڪو اقوام متحده ۽ يورپي يونين جو ميمبر به آهي .

سال 2004 ۾ ڪوفي عنان اڳوڻي سيڪريٽري اقوام متحده هڪ پلان Annan Plan ڏنو جنهن تحت ريفرينڊم ٿيو جنهن ۾ ترڪ قبرصين 65 سيڪڙو فيور ۾ ووٽ ڏنو ۽ 74 سيڪڙو يوناني قبرصين ان جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو .

سال 2014 کان ٻنهي ڪميونيٽين وچ ۾ جزيري کي هڪ ڪرڻ لاءِ اقوام متحده جي نگراني ۾ ڪوششون هلي رهيون آهن . بهرحال پوءِ به پاسپورٽ هڪ هئڻ ڪري سڀ گڏجي هلي رهيا آهن .

قدرتي وسيلا: ڪاپر ،پائرائيٽس ،ايبسيٽوز ،جپسم ،لوڻ ،پگمينث ۽ چن جو پٿر

موسم: وچولي ،سامونڊي گرم ،اونھارو خشڪ ۽ سيارو وڻندڙ ٿڌو

زرعي شيون: پٽاٽا ،کير ،رڍ ،جؤ ،ڪڻڪ ،زيتون ،ڪڪڙ

صنعت: سياحت ،ڌات ،ڪيميڪل ،ڪاٺ ،ڪاغذ،سيمينٽ ،جپسم ۽ جھازن جي مرمت

قبرص سياحن لاءِ هڪ جنت مثل آهي خوبصورت سامونڊي ڪنارن سبب ساليانو پنج لک سياح هي ديس گهمڻ ايندا آهن . جن مان ھي ساليانو چار ارب ڊالر ڪمائين ٿا.  پنهنجي حساب سان ٽيڪيل هي جزيرو هڪ الڳ دنيا جو درجو رکي ٿو .

قبرص جي في ڪس آمدني 41 هزار ست سئو ڊالر آهي ۽ پرچيزنگ پاور پيئرئٽي 50 هزار ڊالر آهي فارين رزرو چار ارب ڊالر آھن .

قبرص: Cyprus

گادي جو هنڌ . نڪوسيا

آبادي:. سوا تيرھن لک پلس ماڻهو . 98 سيڪڙو يوناني نسل جا

سڪو:  يورو .

قومي ڏينهن ۽ قومي موڪل: پهرين آڪٽوبر 1960 آزادي جو ڏهاڙو

ٻولي: يوناني

مذھب : عيسائيت

حڪومت: ريپبلڪ

چيف آف اسٽيٽ ۽ هيڊآف گورنمينٽ: صدر

سامونڊي ڪنارو: 648 ڪلوميٽر

ايراضي: 9251 چورس ڪلوميٽر

وڏي چوٽي:  جبل اولمپس 1951 ميٽر

ھيٺاھون ھنڌ: ميڍيٽيرين سمنڊ

ٿوري سوڙهي جبلن جي قطار The kyrenia قبرص ۾ لڳي ٿي . دريا موسمي آهن جيڪي تيز برسات بعد وهندا آهن .  Pedios وڏو دريا آهي جنهن جي ڊيگهه 100 ڪلوميٽر آهي ۽ 100 کان مٿي ڊيم ۽ پاڻي جا ذخيرا آهن . جيڪي زراعت سان گهريلو استعمال ۾ ڪتب اچن ٿا.

مکيه واقعا :

647 ع ۾ عربن هن ديس کي ُقبضي ۾ آندو .

965 ع ۾ هي بازينطين جي حڪومت ۾ اچي ويو .

1571 ع ۾ پهريون ڀيرو ترڪ سيٽلر/ڌاريا آيا .

1925ع ۾ قبرص انگريزن جي شاهي ڪالوني بڻيو.

1961ع ۾ ڪائونسل آف يورپ ۾ شامل ٿيو .

مشهور نوبيل لاريٽ sir Christopher  Antoniou  pissarides قبرصي نزاد انگريز ايڪانامڪس ۾ نوبل پرائيز کٽيو اهو پڻ هتان جو هيو ۽ سال 2010 ۾ هن اهو اعليٰ ايوارڊ کٽيو .

معاشي لحاظ امير ۽ وڏي آمدني رکندڙ يورپي ديس آھي

جنھن جي ايڪسپورٽ 25 ارب ڊالر آھي جنھن ۾ ھي سامونڊي جھاز ،صاف تيل ،دوائون ،پنير ۽ پٿر وڪرو ڪندا آهن.

امپورٽ . 23 ارب ڊالر جنھن ۾ ھي تيل ،جھاز ،ڪارون،ڪول تار،مشيني پرزاجات ۽ دوائون گھرائيندا آھن.

 ساليانا چار ارب ڊالر جا رسيلا ميوا نارنگيون ،گريپ فروٽ زيتون ۽ پٽاٽا وڪرو ڪندو آهي.

دنيا جي شطرنجي سياست ۾ ڌرتي ڌڻين ۽ ڌارين جي ٻي ڌرتي تي قبضي کي سمجهڻ جو اهم ڪيس قبرص به آهي جيڪو عالمي ايوانن ۾ اڄ به گونجي ٿو .

پر قبرص ثابت ڪيو آهي ته مسئلا نيٺ ته حل ٿيندا پر ترقي جي رفتار گهٽ ناهي ڪرڻي . جيڪي پئسي وارا هوندا ۽ دنيا گهمڻ ڦرڻ ۽ ڏسڻ چاهين ته هن ديس کي ضرور گهمي ڏسن . شَداد جي جنت هڪ پاسي Cyprus هڪ پاسي . سنڌ به سھڻي پر ديس اڄ ترقي ۾ صدي پوئتي.