سنڌو درياِء سنڌو تهذيب جو بنياد رکندڙ ۽ لکين سالن کان ڌرتي جو سينو سيراب ڪندڙ شينهن درياِء آهي . سنڌو درياِء ايشيا جو سرحدي درياِء به آهي جيڪو ڏکڻ ۾ وچ هماليا ٿيندو اتر اوڀر ۾ جابلو آبشارن جي صورت ۾ ڪيلاش جبل تبت کان ٿيندو اتر اولهه جو رستو وٺي والاريل ڪشمير کان ٿيندو نانگاپربت جو کاٻو پاسو وٺي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه کان موجوده پاڪستان ۾ داخل ٿي ٺٽي وٽ سنڌي سمنڊ سان سينو ساهي ٿو .

لوڪيشن . چين انڊيا ۽ پاڪستان

اسٽيٽ . تبت لداخ گلگت خيبرپختون خواِه پنجاب ۽ سنڌ

شهر . ليه .اسڪردو داسو ڀيشم ٿاڪوٽ ڊي آِء خان بکر سکر ٺٽو ڪوٽڙي حيدرآباد .

سنڌؤ درياِء جو مکيه هنڌ . مانسرؤؤر ڍنڍ تبت ميدان اوچائي 4255 ميٽر 13960 فٽ .

آخري ڇوڙ . انڊس ڊيلٽا ۽ رڻ ڪڇ ڪوري ڪريڪ

بيسن سائيز . 11لک 20 هزار چورس ڪلوميٽر

ڊيگهه.2896 ڪلوميٽر.

ايوريج ڊسچارچ سمنڊ ۾ . 5533M3/s

مکيه هنڌ ڇوڙ جا. تربيلا. مٺڻ ڪوٽ . سکر

مکيه ننڍيون نديون .کابي پاسي . زينسڪر . سرو .سون .پنجند . گهگهر ۽ هاڪڙو ۽ لوني درياِء

ساڄي پاسي .شوڪ درياِء .هنزِء . گلگت . سوات . ڪنر .ڪابل . ڪرم گومل ۽ زوب درياِء

هماليا . هندوڪش ۽ قراقرم جون چوٽيون ۽ ان جا درياِء ۽ خطي جون موسمون سنڌؤ لاِء پاڻي جو اهم ذريعو آهن .

1816 ع ۾ زلزلي سبب هي پنهنجو رخ مٽائي ويو .

رگويده ۽ اويستا 176 ڀيرا هڪ هڪ ڀيرو ۽ 94 ڀيرا ٻه ٻه دفعا هن درياِء جو ذڪر ڪيل آهي ۽ هنن مقدس ڪتابن هن درياِء کي سپت سنڌؤ سڏيو آهي . هن خطي جون وڏيون سلطنتون ۽بادشاهتون هن درياِء ئي آباد ڪيون باقي انڊس اسڪرپٽ جون مهرون سنڌؤ جي ڪنارن تي آباد شهرن مان ئي مليون .

سنڌؤ کي پار ڪري ڪيترائي حملي آور هن ڌرتي تي آيا .

هي درياِء دنيا جو ٻيو نمبر وڏو درياِء آهي جيڪو پهاڙن تان 50 لک ڪيوبڪ ڪلوميٽر پٿر ۽ لٽ به کڻي اچي ٿو .

نومبر 2011 ۾ سيٽلائيٽ تصويرن مان خبر پئي ته هي درياِء رڻ ڪڇ ۾ به داخل ٿي چڪو آهي ۽ اهو ان جو ٻن صدين بعد تبديل ٿيل سفر آهي .

سنڌو درياِء 180 قسمن جي مڇين کي به تاتي ٿو ۽ 22 قسم اهڙا آهن جيڪي دنيا جي ڪنهن به درياِء ۾ ڪين آهن . پلو مڇي هن درياِء جي بهترين سڃاڻپ آهي ۽ انڊس ڊالفن جنهن کي ٻلهڻ به چئجي ٿو جيڪا هتي ئي ٿئي ٿي .

موهن جو دڙو هڙيا ۽ خطي جي سڄي تهذيبن جي ڪري هن درياِء indus valley civilization جو بنياد وجهندڙڌبه سڏجي ٿو ۽ اها تهذيب افغانستان انڊيا تبت ۽ موجوده ملڪ تائين پکڙيل آهي .

سنڌي هن درياِء کي سنڌؤ درياِء . ايراني ۽ رومين انڊس لداخ ۽ تبت وارا سنگي ڪباب (شينهن جو وات). گلگت وارا گيمتسو تسفو . پشتون نيلاب شير درياِء ۽ اباسيب سڏيندا آهن .

سنڌو درياِء اڄ ڪرؤڙين ماڻهن جي جياپي جو سبب آهي زراعت کان علاوه هيوي صنعتن ۾ ان جوپاڻي ااستعمال ٿئي ٿو .

515 قبل مسيح ۾ هي درياِء دنيا جي ڄاڻ ۾ آيو. ايراني بادشاهه دارس يوناني نوڪر سڪليڪس کي وڌيڪ کوجنا لاِء موڪليو . انگريزن 1850 ع کان هن درياِء جي آبپاشي سسٽم کي ٺاهڻ شروع ڪيو .

سکر بئراج انگريزن 1932 ۾ سنڌ ۾ ٺاهيو. 1960ع ۾ سنڌ طاس معاهدي تحت جهلم ۽ چناب انڊيا جي حصي ۾ آيا. ۽ سنڌُو تي تربيلا ڊيم ٺهيو . ڀاشا ڊيم ٺهڻ جي مرحلي ۾آهي

ڪالاباغ ڊيم وڏن ڀائرن جي 180 سال کان خواهش آهي .

داسو ڪوهستان وٽ هن عظيم درياِء جو لکين سال کان وهندڙ وهڪرو هن سال مٽايو ويو.

ڪُلُ 6 بئراج اڄ سنڌؤ درياِء تي آهن .

چشما بئراج . جناح بئراج .تونسا بئراج. گڊو بئراج . سکر بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج .

سنڌو درياِء تي پيل پلون . لاڙڪاڻو-خيرپور پل . دادو- مورو پل . ٺٽو-سجاول پل. جهرڪ-ملاڪاتيار پل .آمري- قاضي احمد پل. ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل تياري ۾ . شامل آهن ۽ ان کان علاوه لئنسڊائون پل ۽ ايوب پل سکر-روهڙي کي ملائڻ لاِء آهن .

موسمي تبديلين سبب ڪڏهن سوڪهڙي ۽ ڪڏهن موجن کي منهن ڏيندڙ هي عظيم درياِء سنڌ سميت خطي جو جياپو آهي . پر هن سان ڏاڍن جي هٿ چراند جاري آهي ۽ نتيجن هي سمنڊ سان سنگم نه ٿو رکي ۽ هيٺ ڊيلٽا مڪمل تباهي ۾ آهي ٻيلا سڙي ويا شهر وستيون ڀڙڀانگ ٿي ويون جيوت مرڻ ڪنڌي تي ۽ جر جو نقصان الڳ آهي .

سنڌو درياِء جي موجوده حالت زار تي البينا الائيس جو ڪتاب جنهن جو ترجمو ممتاز بخاري سکر واري ڪيو آهي اهو هر سنڌي پڙهي . ڪتاب جو نالو . سنڌؤ جون سلطنتون .

نيل درياِء به يارهن ملڪن مان ڪراس ڪري ٿو ۽ هر ملڪ سٺي نموني پاڻي کڻي ٿو پر هت مڪمل ڏاڍ جو جهان آهي .تڏهن ئي چوندا آهن ته نيل ان ڪري مڪمل وهي ٿو ڇو جو اتي پنجاب ڪونهي .

ڌڻي در دعا ته سنڌؤ درياِء تاقيامت آباد هجي .

سنڌ سڄي سون سنڌ سڄي سرهاڻ

سنڌ ڀٽائي گهوٽ جي سنڌ ڀٽائي ساڻ

اهو موج ڀريو مهراڻ سدا وهي سنڌ ۾ . آمين

جاويدحالتي . سنڌو درياِء تبت

ڳوٺ فريدآبادلاڙڪاڻو سنڌ