ويٽيڪن سٽي بابت .

پنڊت پادري مُلان يا ٻيو ڪو ماڻهو دنيا جي ڪهڙي به مذهب سان تعلق هجي ان پنهنجي رياست گهري آ جتي ويهي هو پنهنجي تشريح ڪري ۽ حق حاڪميت هلائي سگهي .

ويٽيڪين سٽي Holy See ان جو مثال آهي .

اٽلي جي جزيره نما ماڳ تي هزار سال مٿي وجود رکندڙ آهي . 19 صدي تائين اٽلي ان هنڌ تي قبضو ڪيو ۽ اڳتي هلي پوري روم تي ڪنٽرول ڪيو ۽ ان بعد انهن هڪ ٻئي جا ماڻهو قيد ڪري ڳالهيون ڪيون .

1929 ع ۾ ليٽرن معاهدي تحت ويٽيڪن سٽي اسٽيٽ جو بنياد پيو ۽ ان علائقي کي رومن ڪيٿولڪ جو اٽلي ۾ اسپيشل اسٽيٽس جو درجو ڏنو ويو ۽ رومن ڪيٿولزم کي اٽلي جو سرڪاري مذهب قرار ڏنو ويو.

اڄ دنيا ۾ ڏيڍ ارب کان مٿي ماڻهو هن عيسائي فرقي سان تعلق رکن ٿا .

ويٽيڪن اسٽيٽ هولي سي .

گادي جو هنڌ ويٽيڪن سٽي .

آبادي 1200 پلس ماڻهو .

ايراضي .0.50 چورس ڪلوميٽر .110 ايڪڙ

سڪو يورو .

ٻولي .اٽالين سرڪاري

حڪومت . پوپ جي زيرانتظام

آزادي . 11 فيبروري 1929 اٽلي کان

چيف آف اسٽيٽ. پوپ فرانسس

هيڊ آف گورنمينٽ . سيڪريٽري آف اسٽيٽ آرچي بشپ

پارليامينٽ .پونٽيفيشل ڪميشن ست ميمبر

سامونڊي ڪنارو . ڪو به نه

پاڙيسري ملڪ . اٽلي .

ويٽيڪن سٽي اسٽيٽ روم شهر جي هيٺاهين ۾ هڪ پهاڙي تي واقع آهي . کيس ڪو درياِء يا ڍنڍ به نه آهي .

1451 ع ۾ ويٽيڪن جي لائبريري ٺهي .

1475ع ۾ پوپ سڪسٽس سسٽائين چيپل نالي سان چرچ/عجائب گهر ٺاهيو . اهو اڄ پوپ جي رهائش گاهه پڻ آهي .

1506 ع ۾ پوپ ۽ ويٽيڪن جي حفاظت لاِء سئٽزرلينڊ محافظ موڪليا .

1512 ع ۾ مشهور پينٽر مائيڪل اينجلو سسٽائن چرچ/عجائب گهر جي ڇتين تي پينٽنگ جو ڪم پورو ڪيو .

1978 ع ۾ نشاته ثانيه کان وٺي پوپ جان پال ii . نان اٽالين پوپ ٿيو جيڪو سال 2005 ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو .

ان بعد پوپ فرانسس وڏو پوپ ٿيو . جنهن جو نمبر 266 آهي .

سينٽ پيٽر بيسيلا. نشات ثانيه دؤر جو اهم چرچ آهي جنهن کي 1823 ع ۾ باهه لڳي پوِء ٻيهر ٺاهيو ويو . عيسائين جي اهم مقدس عبادتگاهه به آهي ۽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ گهميو ويندڙ ماڳ به آهي .

بيسيلا ۾ حضرت عيسي عليه سلام جي ٻارهن حوارين مان هڪ حواري سينٽ پيٽر جي آخري آرامگاهه به آهي .

ان کي دنيا جي مشهور ڊزائنر ۽ مصورن ٺاهيو ۽ سينگاريو اهي . جنهن ۾ ڊونيٽو برامانتي، ڪارلو ميڊيرونو ،سينگيلو يونگر، مائيڪل اينجلو ،برنيني ،وگنولا ۽ ڊيلا پورٽا شامل آهن

ويٽيڪن سرڪاري طرح ويٽيڪن سٽي اسٽيٽ سڏبو آهي . دنيا جو ننڍن ملڪن ۾ شمار ٿيندڙ آزاد ديس .

هن ملڪ جي زميني ايراضي صرف 110 ايڪڙ آهي ۽ صرف 1200 پلس ماڻهو .

رومن ڪيٿولڪ چرچ جي اهم جاِء هئڻ سان گڏ دنيا جي سياحت ۾ اهم حيثيت رکندڙ ديس آهي . جنهن جي آمدني جو وڏو ذريعو سياحت ئي آهي .

ويٽيڪن جا عجائب گهر 15 ڪلوميٽر ڊگها به آهن ۽ ان ڪري هي ديس دنيا جو ثقافتي ماڳ قرار ديس به آهي .

هن ديس کي پنهنجو جهنڊو پاسپورٽ بئنڪنگ سسٽم ٽيليفون ڊائلنگ ڪوڊ سميت هر اهي شيون آهن جيڪي هڪ آزاد ديس کي گهربل هونديون آهن .

ويٽيڪن جي آمدني صرف عجائب گھرن ،سڪن ،ٺپن ۽ ايندڙ سياحن تي آھي . بھرحال ھي به ھڪ ديس آھي دنيا جي نقشي تي .

سنڌ جا تفريحي ماڳ پڻ مالڪي گھرن ٿا ۽ سنڌ به مقدس ديس آھي ھن ڌرتي جو .

جاويدحالتي، ويٽيڪن

ڳوٺ فريدآباد، تعلقو باقراڻي ،ضلعو لاڙڪاڻو، سنڌ