جاگرافي سيريز پوسٽ يورپ جي مسلديس بوسنيا هرزگوينيا بابت .
بوسنيا ۽ هرزگوينيا ديس جا ٻه حصا آهن هڪ پاسي اوڀر بوسنيا آهي ۽ ٻئي پاسي هرزگوينيا آهي .
بوسنيا ۾ ڪروٽس ۽ مسلم ٻئي رهن ٿا ۽ ٻئي پاسي هرزگوينيا ۾ سرب رهن ٿا .
1991 ع جي بلڪان جنگ سبب يوگوسلاويا ٽٽي ويو ۽ بوسنيا پهرين مارچ 1992 تي آزاد ٿيو . پر بوسنيا جي ئي سربن ان آزادي مخالفت ڪئي .
ان مخالفت جون پاڙون سوين سالن جي نفرت جي تسلسل کي سمجهيو وڃي .
اهي سرب ان آزادي جا مخالف ان ڪري هيا جو ترڪن ان سرزمين تي به پنهنجا جهنڊا کوڙيا هيا ۽ سرب بوسنيا جي مسلمانن کي ترڪن جي ئي باقيات سمجهندا آهن /هيا .
1991 جي ريفرينڊم ۾ يوگوسلاويا ٽڪرا ٿيو ۽ بوسنيا آزادي ماڻي . پر بوسنيا جي سربن جن کي پاڙيسري سربيا جي سربن جي ۽ مونٽينگرو جي به حمايت حاصل هئي . سرب ان سرزمين کي گريٽر سربيا جو تسلسل سمجهندا هيا ان ڪري ئي انهن آزادي جي مخالفت ڪئي .
باقاعده ويڙهه ۾ بوسنيا جي مسلمانن جي نسل ڪشي ڪئي وئي ۽ بلڪان جي ڪاسائي ملازوچ سربن جي ڀرپور مدد ڪري قتلام ڪرايو . جنهن ۾ هڪ لک کان مٿي بوسنيا جا ماڻهو ماريا ويا ۽ عورتن جي عصمت دري ڪئي وئي ۽ تشدد جي انتها ڪئي وئي .
اقوام متحده ان جهيڙي کي ختم نه ڪرائي سگهي ان جو سبب اقوام متحده جي امن مشن جا ڪيترائي ماڻهو سربن ملازوچ جي چوڻ تي باندي بڻايا . بعد ۾ نيٽو کي بمباري ڪرڻي پئي .
امن ڳالهيون . مارچ 1994 ۾ بوسنين ڪروٽس ۽ مسلم پاڻ ۾ امن معاهدو ڪري فيڊريشن آف بوسنيا هرزگوينيا جو بنياد رکيو .
1995 ۾ Dyton ohio آمريڪا ۾ سربن ڪروٽس ۽ مسلم وچ ۾ ڳالهين جا دؤر هليا . ۽ 21 نومبر 1995 تي معاهدو ڪامياب ٿيو . ۽ 14 ڊسمبر 1995 تي پئرس ۾ صحيون ٿيون.
جنهن تحت بوسنيا ۽ هرزگوينيا جو عالمي سرحدون طئي ٿيون . بوسنين ڪروٽس ۽ مسلم بوسنيا ۾ ۽هرزگوينيا ۾ سرب 51-49 حصي تحت گڏ رهندا .
ملڪ جو نالو . بوسنيا ۽ هرزگوينيا .
گادي جو هنڌ سراجيئوو
آبادي 48 لک پلس ماڻهو
سڪو مارڪ .
لساني آبادي . بوسنڪ 48 سيڪڙو سرب 38 سيڪڙو
ڪروٽس 35 سيڪڙو
مسلمانن پنهنجي مذهبي سڃاڻ کي ظاهر ڪرائن بجاِء بوسنڪ سڏرائيندا آهن ته جيئن وڌيڪ ڪي جهيڙا ڪين ٿين .
ٻولي . بوسنين ۽ ڪروٽس
قومي ڏينهن 25 نومبر
مذهب . 40 سيڪڙو مسلم . عيسائي 46 سيڪڙو۽ 14 سيڪڙو ٻيا
حڪومت وفاقي ريپبلڪ
آزادي پهرين مارچ 1992
هيڊ آف گورنمينٽ چيئرمين آف ڪائونسل آف منسٽر
سامونڊي ڪنارو 20ڪلوميٽر
ايراضي . 51 197 چورس ڪلوميٽر
پاڙيسري ملڪ . سربيا ڪروشيا ۽ مونٽينگرو
پهاڙن جي سرزمين رکندڙ ملڪ بوسنيا جا ايڪسپورٽ ائٽم گاڏين جا سيٽ ڪور آهن ان بعد بجلي ۽ ڪاٺ ‘اليومينيم ۽ فرنيچر آهن جنهن مان 12 ارٻ ڊالر ڪمائيندا آهن .
امپورٽ 11 ارب ڊالر جنهن ۾ هي تيل ‘مشينري ‘ڪيميڪل ۽ مختلف پرزاجات گهرائيندا آهن .
فارين رزرؤ 9 ارب ڊالر
تعليمي شرح . 99 سيڪڙو
ڏکن ڏولاون جي داستانن سان ڀرپور ان ديس کي ترڪن 1463 ۾ فتح ڪيو هيو . ۽ 1526 ۾ هنگري کي به قبضي ۾ آندو . ويندي آسٽريا تائين.
سال 2011 ۾ سرب ڪمانڊر ريٽڪو ملازوچ کي گرفتار ڪيو ويو .
بوسنيا جي تاريخ کي پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو . لساني بنيادن تي ۽ مذهب جي بنياد تي ڌرتي تي قبضو برقرار نه ٿو رکي سگهجي .
مذهبن جي ڪري جيڪي نفرتون ٿين ٿيون اهي نسل تباهه ڪن ٿيون . مذهب خدا ۽انسان جو پنهنجو معاملو آهي . پر ڌرتي تي رهڻ لاِء سڀني ڌرين کي امن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي . جيڪي ڌرتيون جن ازلي ۽ اصلي قومن جون آهن تن تي انهن جو ئي حق هوندو آهي پوِء ڀلي قبضو صدين جو هجي . نيٺ ته ماڻهو پنهنجو وطن اڳي پوِء آزاد ڪرائي ويندا آهن .
بوسنيا جي ماڻهن مذهب جي لائن بجاِء ڌرتي جي اصلوڪن ڪروٽس سان گڏجي پنهنجي ڌرتي کي وڌيڪ رتوڇاڻ کان بچائي اڄ پرامن ٿي پنهنجي ديس جي مالڪي ڪن پيا .
#جاويدحالتي بوسنيا هرزگوينيا .
ڳوٺ فريدآباد ‘تعلقو باقراڻي ‘ضلعو لاڙڪاڻو .سنڌ