ننگرپارڪر (ن پ ا) تعليم کاتي ٿرپارڪر پاران ننگرپارڪر جي ڳوٺ مصري شاهه ۾ پرائمري استاد گوتم ميگهواڙ کي وڏيري پاران مبينا طور ڪرسي تي ويهڻ نه ڏيڻ ۽ ٻڪ ۾ پاڻي پيارڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ جي معاملي تي ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر جي ٽي اي اي اوز ھندال سميجو، اشف اقسوڍو ۽ ڊي اي اي او چيلارام ڀيل ۽ ٻين تي مشتمل ڪميٽي ڳوٺ مصري شاهه پهچي ڳوٺاڻن ۽ مبينا متاثر استاد جا بيان ورتا. ڪميٽي الزام هيٺ آيل ڳوٺاڻن ۽ استاد گوتم جا لکت ۾ بيان ورتا. ان سلسلي ۾ ڪميٽي ميمبرن جو چوڻ آهي ته استاد گوتم ۽ ڳوٺاڻن بابت سوشل ميڊيا تي هليل خبرون حقيقت جي ابتڙ آھن جاچ رپورٽ اختيارين کي ڏني ويندي. جڏهن ته ڊي اي او ٿرپارڪر شمس الدين راٺوڙ ٻڌايو ته اسانجي جوڙيل جاچ ڪميٽي بيان لکت ۾ قلمبند ڪري چڪي آھي واپس پهچڻ بعد لکت ۾ رپورٽ ڏني ويندي.جاچ ڪاميٽي ۾ شامل ٽي اي او سيڪنڊري چيلارام ٻڌايو ته اسان اڄ ڄاڻايل ڳوٺ پهچي ماستر ۽ ڳوٺاڻن جا بيان ورتا، منهنجي بدلي پراڻي پوسٽنگ اسماعيل سنگراسي ۾ ڪرائي ڏيو يا منهنجي ڳوٺ ڏاني جي ڍاڻي ڪرائي ڏيو جنهن تي اسان جي جاچ ڪميٽي چيو ته بدلي ڪرڻ جا اسان جا اختيار نه آهن، جڏهن ته منهنجي ذاتي راءِ موجب ماستر بدلي ڪرائڻ لاءِ ڪرسي وارو اشو اٿاريو آهي جڏهن ته ڄاڻايل اسڪول گذريل ڏهه سالن کان بند پيل هڳ سيڪريٽري جي حڪم تي بند پيل اسڪول کوليو هو ۽ هن کي بدلي ڪري مقرر ڪيو جتي فرنيچر ڪرسي وغيره ڪجهه به موجود نه آهي صرف هڪ بينچ پيل آهي. ڳوٺاڻن ۽ ماستر وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي ۽ هنن لکت ۾ اهڙو بيان ڏئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن باربار رابطو ڪرڻ باوجود موبائيل نمبر بند هجڻ سبب ماستر گوتم سان رابطو نه ٿي سگهيو.