ميرپور خاص: ڪيس جي فريادي ابراهيم ڪنڀر موقف ڏيندي چيو ته هن وقت تائين پوليس پاران جيڪا جاچ ٿي آهي، ان مان مطمئن ناهيون، پوليس پاران جاچ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، جنهن بعد اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر جنرل 27 اعتراض لڳائي ڇڏيا آهن، هن ٻڌايو ته جاچ رپورٽ ۾ اهڙيون غلطيون ڪيون ويون آهن، جيڪي ٿيڻ نه گهرجن ها، جاچ رپورٽ ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ حڪم نامو موجود ناهي،جاچ آفيسر پاران ٻيهر پوسٽ مارٽم لاء ڏنل درخواسٽ پڻ موجود ناهي،ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ٻيهر ڪيل پوسٽ مارٽم جي فائنل رپورٽ اچڻ بعد جاچ آفيسر کي گهرجي ها ته ميڊيڪل بورڊ کان وڌيڪ تفصيل وٺي جمع ڪرائي ها،هن چيو ته هن ڪيس جي جاچ ڊي آئي جي ميرپورخاص زبير دريشڪ ڪري رهيو آهي پر جاچ آفيسر پاران اڌ رپورٽ جمع ڪرائڻ ته پوليس مٿان سواليه نشان اٿي ٿو،هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي لاش کي ساڙڻ جو مقصد هي اهيو هيو ته جيئن ڪنهن کي خبر نه پوي ته ڊاڪٽر شاهنواز تي موت کان اڳ تشدد ڪيو ويو آهي،ايتري عرصي بعد پوليس پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ 27 اعتراض لڳڻ سان اندازو ٿيڻ گهرجي ته پوليس ان معاملي جي جاچ ڪرڻ ۾ سنجيده نظر نٿي اچي.