ٽوڪيو (انٽريسٽنگ نيوز) جاپاني پوليس هڪ عورت کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن ٽن سالن ۾ پوليس ايمرجنسي کي 3 هزار ڪالز ڪيون آهن، گرفتار ٿيندڙ عورت موجب اها اڪيلائي کان تنگ هئي ۽ ان سبب هن ڪالز ڪيون، پوليس موجب 51 ورهين جي نيروڪو هيٽاگامي ٽن سالن دوران پوليس ۽ فائرگيڊ ڊپارٽمينٽ کي 2761 ڀيرا فون ڪيا، اها عورت ٽوڪيو جي اوڀر ۾ شيپا پرفيڪچر واري علائقي ۾ رهندي آهي، پوليس کيس سرڪاري معاملن ۾ مداخلت ۽ انهن کي ڪم کان روڪڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي، آگسٽ 2020 کان مئي 2023 تائين هن ڪل ٻه سالن ۽ 9 مهينن تائين پنهنجي سمارٽ فون سان ڪالز ڪيون ۽ پوليس کي تنگ ڪيو، هن ڪڏهن مٿي جي سور، ڪڏهن دوا جي زيادتي سان طبيعت جي خرابي ۽ ڪڏهن ٻيون جسماني شڪايتون ڪيون، جڏهن جڏهن پوليس يا طبي عملو سندس وٽ پهتو ته عورت چيو ته اها ٺيڪ آهي ۽ ڪوڙ ڳالهائي ڇڏيو ته هن ڪا ڪال ئي ناهي ڪئي، پوءِ ادارن تنگ اچي ڪري مٽسوڊو فائر ڊپارٽمينٽ عورت خلاف هڪ درخواست داخل ڪئي ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو، هاڻي گرفتار ٿيڻ تي هن فون ڪالز ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، هن موقف پيش ڪيو ته اها اڪيلائي کان تنگ آهي ۽ دل بهلائڻ لاءِ فون ڪيون آهن، جاپان ۾ هن وقت پيرسن ماڻهو سخت اڪيلائي جو شڪار آهن، ان کانسواءِ تيز رفتار زندگي سبب ماڻهو هڪ ٻئي کي وقت به نه پيا ڏئي سگهن، اهو ئي سبب آهي جو جاپان جي وڏي آبادي اڪيلائي جو شڪار آهي.