ٽوڪيو (انٽرسٽنگ نيوز) جاپان ۾ تازن ڄاول ٻارن جي روئڻ جو مقابلو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي. جاپاني ميڊيا موجب هلندڙ سال روئڻ جي مقابلي ۾ 6 مهينن کان وٺي 2 سالن جي عمر تائين جي تقريبن 170 تازا ڄاول ۽ ننڍا ٻار شامل ٿيا. ٻارن جي روئڻ جو مقابلو ڪورونا وبا سبب 2 سالن کان وڌيڪ وقفي جو شڪار رهيو، پر هاڻي هڪ ڀيرو وري جاپان جي هڪ عبادت گاهه ۾ ٻيهر شروع ٿي ويو آهي، وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ انتظامن لاءِ رنگ تي هڪ شيلڊ لڳائي وئي هئي. ٻن پهلوانن کي هڪ هڪ ڪري رنگ ۾ آندو ويو، جڏهن پهلوانن هنن جي اکين ۾ ڏٺو يا ريفري هنن کي آهستي آواز ۾ روئڻ تي زور ڏنو ته ڪيترائي ٻار فوري طور روئڻ لڳا. ڪجهه ٻارن رنگ ۾ داخل ٿيندي ئي روئڻ شروع ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڪجهه ٻار رنگ ڇڏڻ تائين نه رنا. تيز آواز ۾ رئندڙ هڪ ٻار جي والد چيو ته اسان جي خيال ۾ اسان جو ٻار وڏو ٿي مضبوط ٿيندو. فُڪُوئي پريفيڪچر جي گوڪوڪُو عبادتگاهه ۾ اها سالانه تقريب ٻارن جي صحتمند واڌ ويجهه لاءِ دعا ڪرڻ لاءِ ملهائي ويندي آهي.