ٽوڪيو/لنڊن(م ڊ) برطانيا ۽ جاپان ايران تي امريڪي حملن جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، جاپان جي وزيراعظم شِيگيرو ايشيبا چيو آهي ته ايران ئي ائٽمي هٿيارن جي تياري کي روڪڻ گهرجي، اسان کي ڳڻتي آهي، صورتحال تي ڳوڙهي نظر آهي، جيترو جلدي ممڪن هجي، ڇڪتاڻ گهٽائي وڃي. برطانيا چيو آهي ته ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪي حملي کان آگاهه هئاسين پر ان ۾ ساٿ ناهي ڏنو هاڻ ڇڪتاڻ گهٽائڻ گهرجي. برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا ايران تي حملي کان اڳ آگاهه ڪيو هو پر اسان هن حملي ۾ شامل نه ٿيا آهيون اسان جو سمورو ڌيان هن ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ تي آهي. هن چيو ته هي تڪرار خطي کان ٻاهر پکڙجڻ جو حقيقي خطرو موجود آهي ڊگهي عرصي کان ايراني ايٽمي پروگرام بابت خطرا هئا اها ڳالهه واضح آهي ته ايران ايٽمي هٿيار نه ٿو رکي سگهي. آمريڪا هاڻ ان خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي آهي. هن چيو ته ضروري آهي ته خطي ۾ استحڪام آڻيون ۽ ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي واپس آڻيون.