ٽوڪيو (انٽريسٽنگ نيوز) جاپان دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي، جتي 80 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جو انگ ڪنهن به ملڪ کان وڌيڪ آهي، عالمي خابرو اداري موجب جاپان جا سرڪاري انگ اکر ٻڌائين ٿا ته هڪ ڪروڙ 25 لک ماڻهن جي عمر 80 سال يا ان کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جي عمر 75 سال يا ان کان وڌيڪ آهي، 12 ڪروڙ 44 لک جي مجموعي آبادي واري جاپان ۾ 65 سال کان وڌيڪ عمر وارن جي نسبت 29.1 سيڪڙو آهي، اهڙيءَ ريت جاپان 65 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي ڪل آبادي جي نسبت سان دنيا ۾ پهرين نمبر تي آهي، وڏي عمر وارن ماڻهن جي آبادي وارن ملڪن جي ان ڊوڙ ۾ ٻئي نمبر تي اٽلي ۽ فن لينڊ ٽئين نمبر تي آهي، جاپان بزرگ ليبر فورس جي اعتبار سان به پهرين نمبر تي آهي، جتي 90 لک بزرگ ماڻهو ڪم ڪندا آهن، اهو انگ جاپان جي مجموعي افرادي قوت جو 13.6 سيڪڙو بڻجي ٿو، جنهن جو مطلب آهي ته هر 7 روزگار وارن مان هڪ ڪم ڪندڙ فرد وڏي عمر وارو آهي، جاپان ۾ نوجوانن جو انگ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هجڻ ۽ بزرگن جي انگ ۾ اضافي جو هڪ سبب دير سان شادي ۽ ٻار پيدا نه ڪرڻ آهي.