ٽوڪيو (انٽريسٽنگ نيوز) جاپان ۾ هڪ اسڪول مان ٻارن جون جتيون چورائڻ وارو اصل ۾ هڪ نور نڪتو، جاپان جي شهر ڪوگو ۾ موجود گوشو ڪوڊومو اين ڪنڊر گارٽن نومبر جي شروع ۾ اسڪول مان 15 جتيون غائب هئڻ تي پوليس سان رابطو ڪيو، چور جو پتو لڳائڻ لاءِ پوليس اسڪول ۾ ٽي سڪيورٽي ڪيمرا لڳايا، هڪ جوتو نومبر 11 جي رات جو غائب ٿيو ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسڻ تي چرائڻ واري جي نشاندهي ڪئي وئي، وڊيو ۾ ڏٺو ويو ته ڀت جي پٺيان هڪ نور ظاهر ٿيو ۽ شيلف مان ٻارن جي اسڪول اندر استعمال ٿيندڙ جوتن کي ڪڍي کڻي ويو، اسڪول جي هڪ ملازم ٻڌايو ته اسڪول انتظاميه وڌيڪ فڪرمند ٿي پر هاڻي سڀ پرسڪون آهن، ته چور هڪ جانور نڪتو، اسڪول جو چوڻ آهي ته شيلف کي هاڻي رات جي وقت نيٽ سان ڍڪيو ويو آهي، ته جيئن جوتن کي نور کان بچائي سگهجي.