ڏوڪري/موهن جو دڙو (نمائندن وٽان) جاپان جو 10 ڄڻن جو وفد عابد خان جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو، پرڏيهي وفد ڊي ڪي ايريا، ايچ آر، اسٽوپا، گريٽ باٿ، ميوزم ۽ ٻيا آثار گهمي ڏٺا، پرڏيهي وفد کي موهن جو دڙو تي مقامي گائيڊ ارشاد سولنگي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي پرڏيهي وفد جو چوڻ ھو ته موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ورثو آهي، هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن، ان جو اندازو هي شاندار تهذيب جا آثار ڏسي لڳائي سگهجي ٿو، هنن چيو ته هتان جي ماڻهن هزارين سال اڳ به وڏي جوڙجڪ سان ڪشادا گهر ٺاهيا هئا، آثار ڏسي عقل دنگ رهجي وڃي ٿو، هنن چيو ته سنڌ جا ماڻهو وڏا مهمان نواز آهن، هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، پرڏيهي وفد جي آمد دوران سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي هئي.