ٽوڪيو (انٽرسٽنگ نيوز) جاپان جو سڀ کان بلند ترين ۽ ڌيان حاصل ڪندڙ جبل مائونٽ فيوجي به موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب مائونٽ فيوجي جاپان جي گاديءَ واري هنڌ ٽوڪيو جي ڏکڻ اولهه ۾ آهي جنهن جي بلندي 3 هزار 776 ميٽر يعني 12 هزار 460 فٽ آهي جيڪو جاپان جو سڀ کان بلند ترين جبل آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مائونٽ فيوجي هر سال آڪٽوبر جي شروع کان ئي برف جي چادر ڍڪي ڇڏيندو آهي پر تبديل ٿيندڙ موسم ۽ وڌندڙ گرميءَ سبب هلندڙ سال آڪٽوبر جي مهيني ۾ بلند ترين جبل برف کان محروم رهيو. ميڊيا رپورٽن موجب مائونٽ فيوجي تي هلندڙ سال هن وقت تائين برفباري نه ٿيڻ سبب 130 سالن جو رڪارڊ ٽٽي پيو آهي. ماهرن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال جاپان ۾ رڪارڊ ٽوڙ گرمي ڏٺي وئي آهي.