ٽوڪيو (انٽرسٽنگ نيوز) جاپان ۾ دنيا جا مهانگا ترين چانور آهن، جن کي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڪنميمائي پريميم نالي چانور جي قيمت 109 ڊالر في ڪلو آهي. جاپان جي ٽويو رائيٽس ڪارپوريشن ذريعي تيار ڪيل چانورن جو هي خاص قسم  17 سال اڳ تيار ڪيل ڪمپني جي ملڪيت آهي. هن کي بفنگ ٽيڪنالوجي سان استعمال ڪيو ويندو آهي.  هن چانور جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته اهو روايتي چانورن جي ڀيٽ ۾ اعليٰ غذائيت سان گڏ هڪ مزيدار ڳر واري ميوي وارو ذائقو به رکندڙ آهي. پيٽنٽ پالش ڪرڻ جي عمل جي ڪري هي چانور غير خوردني ميڻ جي تهه هٽڻ لکان پوءِ ننڍن هيرن وانگر نظر ايندو آهي.