ڪراچي/ ملير ( رپورٽر) مانسهره ڪالوني ويجهو جاپاني شهرين جي گاڏي تي خودڪش حملي جي جاچ جاري، ڪراچي ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا، پوليس دهشتگردن جي استعمال هيٺ آيل موٽر سائيڪل جو پتو لڳائي ڇڏيو، خبر موجب: مانسهره ڪالوني ويجهو جاپاني شهرين جي گاڏين تي خودڪش حملي جي جاچ جاري، ڪراچي ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا، پوليس دهشتگردن جي استعمال هيٺ آيل موٽر سائيڪل جو پتو لڳائي ڇڏيو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ابتدائي جاچ موجب ڌماڪي خيز مواد جي سڃاڻپ لاءِ خودڪش جي جسم جا مختلف عضوا هٿ ڪيا ويا آهن مليل عضون جو ڪيميائي تجزيو ۽ ڌماڪي خيز مواد جو تعين ڪيو ويندو، حملو ناڪام بنائڻ ۾ سڀ کان اهم ڪردار شهيد سيڪيورٽي گارڊ ادا ڪيو. رپورٽ موجب خودڪش حملي بعد سيڪيورٽي گارڊ ٻئي دهشتگرد سان مقابلو ڪيو، پوليس جي پهچڻ تائين ٻيو دهشتگرد زخمي ٿي چڪو هو جاچ موجب بلاڪن جي ٿيلهي کي مورچو بنائي فائرنگ ڪندڙ دهشتگرد کي ڳلي ۾ گولي لڳي چڪي هئي زخمي حالت ۾ دهشتگرد سيڪيورٽي گارڊ تي گوليون هلائي رهيو هو، پوليس پهچي زخمي دهشتگرد کي مٿي ۾ گولي هنئي. خودڪش حملي آور جي سڃاڻپ لاءِ محفوظ ڪيل نمونا ڊي اين اي لاءِ موڪليا ويندا.