ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سپر اسٽار عامر خان انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان جي ليجنڊري بيٽر جاويد ميانداد طرفان شارجا ۾ ڀارتي بالر چيتن شرما کي هنيل تاريخي ڇڪي سندس شادي خراب ڪري ڇڏي هئي. مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان ويجهڙ ۾ هڪ ڀارتي ڊجيٽل پليٽفارم کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ پنهنجي ذاتي ۽ پروفيشنل زندگي بابت ويچار ونڊيا، ان دوران هن خاص طور تي پنهنجي پهرين شادي تي تفصيلي روشني وڌي. عامر خان ٻڌايو ته هن سال 1986ع 21 ورهين جي عمر گهر وارن کي ٻڌائڻ بنا رينا دتا سان عدالتي پرڻو ڪيو. اداڪارا چيو ته ”اسان ٻنهي فيصلو ڪيو ته اها شادي رڳو قانوني هوندي، ان بابت ڪنهن کي نه ٻڌائينداسين ۽ ڪجهه سالن کانپوءِ رسمي شادي ڪبي.“ هن وڌيڪ چيو ته رينا ۽ هن ڳجهي شاديءَ جو فيصلو ڪيو ۽ 15 مارچ 1986ع تي قانوني نوٽيس ڏنو ويو، جيڪو 15 يا 16 اپريل تي مئچور ٿيو، پوءِ شايد ڇنڇر يا آچر جو ڏينهن اچي ويو، انڪري 18 اپريل تي اسان جي شادي ٿي. عامر خان چيو” مون کي چڱيءَ ريت ياد آهي ته اهو ئي ڏينهن هو، جڏهن شارجا ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽر جاويد ميانداد ڀارت خلاف آخري بال تي ڇڪو هنيو هو، بلڪل ان ڏينهن اسان جي شادي ٿي.“عامر وڌيڪ ٻڌايو ته شادي کان پوءِ، هو ۽ رينا پنهنجي، پنهنجي گهر هليا ويا، ٻنهي اِها ڳڻتي ورائي وئي هئي ته گهر وارا پڇندا ته ڪٿي هئاسين، پر ڪنهن به ڪجهه نه پڇيو ڇو ته ٻنهي جا گهر ڀاتي پاڪ-ڀارت ميچ ۾ رڌل هئا. هن چيو ته ”مان جڏهن شادي کانپوءِ گهر آيس ته ڪنهن به ڌيان نه ڏنو ته مان آيو آهيان، مان به ميچ ڏسڻ ويهي رهيس، ميچ ڀارت کٽي رهيو هو، مان ڏاڍو خوش هئس ته شادي جو ڏينهن به آهي ۽ ميچ به کٽي رهيا آهيون. “ اداڪارا پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ” مون سوچيو ته اڄ جي ڀارت پاڪستان کي هارايو ته خوشي ٻيڻي ٿي ويندي، مان تاڙيون وڄائيندو رهيس. پر پوءِ آخري بال تي الائي ڪيئن جاويد ميانداد اچي ڇڪو هنيو، ڀارت ميچ هارائي ويو ۽ مان ڏاڍو مايوس ٿيس.“ عامر خان انڪشاف ڪيو ته ڪجهه سالن کانپوءِ سندس جاويد ميانداد سان هڪ فلائيٽ ۾ ملاقات ٿي، جتي مون کيس چيو ته ” جاويد ڀائي، توهان سٺو نه ڪيو! اوهان منهنجي شادي خراب ڪري ڇڏي!“ عامر خان چيو ته ميانداد حيران ٿي پڇيو ته شادي ڪيئن خراب ڪئي؟ جنهن تي مون چيو کيس چيو ته ” سائين ان ڏينهن ڇڪو توهان هنيو، ۽ مان ڊپريشن ۾ هليو ويو هئس.“ واضح رهي ته 18 اپريل 1986ع تي آسٽريل ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان کي ڀارت جي 246 رنسن جي جواب ۾ آخري بال تي چار رنسون گهربل هيون، جنهن تي جاويد ميانداد ڀارتي بالر چيتن شرما جو فل ٽاس بال بائونڊري لائين پار پهچائي پاڪستان کي تاريخي فتح ڏياري هئي.