ڪراچي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو ۽ سندن پوليس ٽيم لاءِ 50 لک روڪ انعام ۽ سرٽيفڪيٽس جو اعلان ڪري ڇڏيو. آءِ جي سنڌ گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيل سلطو شر ۽ عيسو شر کي مقابلي ۾ مارڻ تي پوليس جي واکاڻ پڻ ڪئي. آءِ جي سنڌ چيو ته سلطو شر 3 ايس ايچ اوز سميت 12 اهلڪارن جي شھادت ۾ ملوث هو، مٿس  98 ڪيس داخل هئا، سلطو شر تي پنجاب ۾ به ڪيترائي ڪيس داخل هئا، پوليس طرفان سنڌ حڪومت کي سلطو شر جي زنده يا مرده حالت ۾ گرفتاري تي هڪ ڪروڙ انعام جي سفارش ٿيل هئي، مارجي ويل  عيسو شر تي به 28 ڪيس داخل هئا.