ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ليکڪ ۽ گيت ڪار جاويد اختر، اداڪارا شبانه اعظمي سان شادي بابت ڳالهائيندي چيو ته آهي ته دوستي اڳ ۾ شادي ته بيڪار ڪم آهي. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد اختر چيو ته هر رشتي جي بنياد گڏيل احترام آهي، شادي هڪ تصور آهي، هو ۽ شبانه اعظمي شادي شده هئڻ کان اڳ سٺا دوست هئا. جاويد اختر چيو ته هن شبانه سان 1984ع ۾ ان وقت شادي ڪئي جڏهن سندس پهرين گهرواري هني ايراني سان شاديءَ کي پنج سال وهامي چڪا هئا. هن چيو ته حقيقت ۾ سندس ۽ شبانه جي شادي ڏاڍي مشڪل سان ٿي، هو دوست آهن ۽ شادي لاءِ دوستي وڌيڪ ضروري آهي، شادي وادي ته بيڪار ڪم آهي. سندس چوڻ هوته شادي صدين جي پراڻي روايت آهي هي اُهو پٿر آهي جيڪو صدين کان جبلن تان لڙڪي رهيو آهي ۽ جيئن اِهو جبل تان هيٺ ڪِرندو آهي ان تي گند ڪچرو ڄميل هوندو آهي. جاويد اختر جو چوڻ حو ته سندس لاءِ لفظ ” زال “ ۽ مڙس “ جي معنيٰ مختلف آهي، ٻه ماڻهو جيڪي ڪهڙي به جنس مان هجن جيڪڏهن هڪٻئي جو احترام نه ڪندا ته گڏ ڪيئن خوش رهي سگهندا؟ هن چيو ته شادي جهڙي رشتي کي گڏيل احترام، غور فڪر ۽ هڪٻئي کي اسپيس ڏيڻ جي ضرورت آهي، اِهو سمجهڻ ضروري آهي ته سندس جيون ساٿي سميت هر ماڻهو پاڻ هڪ انسان آهي. جاويد اختر وڌيڪ چيو ته هڪ ڳالهه يقيني آهي ته عزت کانسواءِ محبت هڪ دوکو آهي، اوهان کي ٻڌائيندو هلان ٿو ته هڪ آزاد عورت، پنهنجي عزم، ڪاروبار ۽ پنهنجي راءِ کان وڌيڪ سولي ناهي هوندي، اوهان کي قبول ڪرڻو پوندي ته جيڪو ماڻهو اوهان گڏ رهي رهيو آهي اوهان جو غلام نه آهي.