ممبئي(شوبز نيوز) شاعر، فلمي ليکڪ ۽ اديب جاويد اختر ڀارت ۾ پاڪستاني فنڪارن جي داخلا تي لاڳو پابندي بابت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد اختر چيو ته ” سڀ کان پهريون سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اسان کي پاڪستاني فنڪارن کي ڀارت اچڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي؟ ان حوالي سان ٻه رايا موجود آهن ۽ ٻئي پنهنجي جاءِ تي صحيح محسوس ٿين ٿا. هن ماضيءَ جو حوالو ڏيندي چيو ته ” هينئر تائين هي تعلق سدائين هڪ طرفو رهيو آهي. نُصرت فتح علي خان، غلام علي، نورجهان ڀارت آيا ۽ اسان سندن دل سان آجيان ڪئي، پر پاڪستان مان اسان کي ڪڏهن به اهڙي موٽ نه ملي.“ جاويد اختر جو چوڻ ته ” پاڪستان جي مشهور شاعرن لتا منگيشڪر لاءِ گيت لکيا، ۽ لتا جي سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي، پوءِ به هوءَ ڪڏهن پاڪستان ۾ پرفارم نه ڪري سگهي. ان جو مطلب اهو ناهي ته پاڪستاني عوام کيس پسند نه ڪندا هئا، پر شايد ڪٿي نه ڪٿي ڪا رنڊڪ هئي ۽ اها رنڊڪ ممڪن آهي ته سسٽم جي اندر هجي، جيڪا مان اڃا تائين سمجهي نه سگهيو آهيان. تنهنڪري لڳي ٿو ته هي رشتو سدائين هڪ طرفو رهيو آهي، هن چيو” هاڻي ٻيو اهم نڪتو هي آهي ته جيڪڏهن اسان پاڪستاني فنڪارن کي ڀارت اچڻ کان روڪينداسين ته ان جو فائدو پاڪستان ۾ آخر ڪنهن کي ٿيندو؟. موجوده صورتحال تي تبصرو ڪندي جاويد اختر چيو ته ” ٻنهي طرفن جا دليل پنهنجي جاءِ تي درست آهن، پر موجوده حالتن کي ڏسندي مان چوندس ته في الحال پاڪستاني فنڪارن جو ڀارت اچڻ مناسب نه هوندو.“