شڪارپور (رپورٽر) درگاھ حضرت ميان تاج محمد مهر فقير جي 250 سال پراڻي تاريخي لائبريري ۽ گھر کي مبينا طور لڳل باھ جي اڻ ڌري جاچ ڪرائڻ لاءِ گادي نشين ميان علي رضا مھر، ثناءَ  الله مست مقيم ۽ مختلف درگاهن جي گادي نشينن ۽ فقيرن سان گڏجي شڪارپور پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاهرو ڪيو،اڳواڻن جو چوڻ هو ته قديم حويلي ۾ قائم تاريخي لائبريري کي ھٿ سان 10 فيبروري جي اڌ رات جو شرپسندن باھ ڏيئي ڇڏي، اڍائي سو سال پراڻي قلمي نسخن، ڪلام پاڪن، تاريخ جي قديم ڪتابن سميت سڀ ڪجهه سڙي ويو آھي.ميان علي رضا وڌيڪ چيو ته سندس جان کي خطرو آهي، شر پسند ڌمڪائيندا رھيا آھن اسين پرامن درگاھ جا گادي ڌڻي آھيون، دھشتگرد سوچ جا ماڻھو اتر سنڌ جو امن تباھ ڪرڻ چاھين ٿا.ھن چيو ته ھڪ ڪلاڪ جي اندر لائبري سميت سڄو گھر سڙي رک بڻجي ويو باھ ڏيندڙن پيٽرول يا ٻيو ڪو ڪيميڪل ھاري باھ ڏني جنھن کي وسائي به نه سگھيا سين.ھن چيو ته تر جا چونڊيل نمائندا، پوليس توڙي وس وارا خاموش آھن.ھن ٻڌايو ته ايس ايس پي شڪارپور فيضان علي وٽ ويا آھيون جنھن مامري جي جاچ جو يقين ڏياريو آھي ۽ ھو واقعي واري ھنڌ پڻ پھچندو، احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته شر پسندن کي وائکو ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.ياد رھي ته ٽي ڏينھن اڳ درگاھ حضرت ميان تاج محمد مهر فقير جي حويلي کي مبينا طور باھ لڳي ھئي جنھن ۾ گھر جو سڄو سامان،تاريخي لائبريري قديم ڪاٺ جي ھنر سان ٺھيل در دريون ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو ھو.