ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۾ لاقانونيت ، ڪرپشن ، شهيد صحافي جان محمد مهر ۽ معصوم نياڻي فاطمه ٻرڙو جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ ، معصوم نياڻي پريا ڪماري ، ساگر ڪمار سميت سڀني مغوين جي بازيابي ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جي خلاف ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان پيادل مارچ ڪري مين حيدرآباد بدين اسٽاپ تي طويل احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ، ڌرڻي ۾ سوين ڪارڪنن مردن سان گڏ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سخت نعريبازي ڪئي ، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ ۾ 15 سالن کان پيپلز پارٽي جي اڳوڻن صوبائي وزيرن ، اسيمبلي ميمبرن جي ڪرپشن جي عدالتي ڪميشن کان جانچ ڪرائي ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن ، اسيمبلي ميمبرن ۽ ڪامورن جون ملڪيتون ضبط ڪيون وڃن ، سنڌ ۾ لاقانونيت جي ڪري شهيد صحافي جان محمد مهر ۽ معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو جو قتل انسانيت جو قتل آهي ، جنهن جي جانچ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪندڙ اهلڪارن کي معطل ڪري جوابدارن کي سزا ڏياري وڃي ، سنڌ مان ڌاڙيل ڪلچر جي مڪمل خاتمي لاءِ آپريشن مڪمل ڪيو وڃي ، ڪرپشن جي خلاف مقرر ڪيل اڳوڻن ڪامورن کي هٽائي نون عملدارن جي ذريعي ڪاروائي ڪئي وڃي ، سنڌ مان منشيات جو آزار ختم ڪرايو وڃي ، نوجوان نسل کي معذور زندگي گذارڻ کان بچايو وڃي، احتجاجي ڌرڻي کي سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، ھاري تحريڪ جي صدر نوحاڻي، ٽنڊو محمد خان جي ضلعي صدر رمضان رند، نصرت خاصخيلي، اشرف پليجو، ونود ميگھواڙ، دلدار رند، الطاف خاصخيلي، بچل احمداڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.