سکر (بيورو رپورٽ) جان محمد مهر قتل ڪيس جي جاچ آفيسر ڪيس ۾ گرفتار ڪيل 3 جوابدارن بخشو، منور ۽ بابر مهر کي پنجون ڀيرو رمانڊ پورو ٿيڻ تي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدارن کي وڌيڪ 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڪيس ۾ ڄاڻايل مک جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، ٻئي طرف ايس ايس پي سکر عرفان سمون مطابق الف ڪچي وارن علائقن ۾ ٻئين ڏينهن به پوليس آپريشن قاتلن جي اهم سهولتڪار سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ٿيلن قاتلن کي سهولت فراهم ڪئي. ايس ايس پي عرفان سمون دعويٰ ڪئي آهي ته قاتلن جي ويجهو پهچي چڪا آهيون، صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ آپريشن هلندڙ آهي، هن چيو ته ڪچي ۾ اچ وڃ جا رستا بند ڪري ٻيڙيون بيهاريون ويون آهن، سيڪيورٽي فورسز جي مدد سان آپريشن جاري رهندو، ڊرون ڪيمرائن ذريعي جوابدارن جي ڳولها ڪئي پئي وڃي، جلد قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.