ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سينيئر صحافي جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف صحافين جو ڪراچي پريس ڪلب کان وزيراعليٰ هائوس تائين مارچ، پوليس  وزيراعليٰ هائوسطرف ويندڙ رستو سِيل ڪري ڇڏيو، صحافين جو پي آءِ ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو، اسلام آباد ۾ به ڌرڻي جو اعلان، ان حوالي سان ڪالهه فيڊرل يونين آف جنرلسٽ جي سڏ تي سکر جي سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پريس ڪلب کان وزيراعليٰ هائوس تائين صحافين پاران مارچ ڪيو ويو، پوليس پي آءِ ڊي سي چوڪ وٽ وزيراعليٰ هائوس ڏانهن ويندڙ روڊ کي ڪنٽينر رکي سِيل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد صحافي اتي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ان موقعي تي صحافي اڳواڻن لالا اسد پٺاڻ، لالا رحمان سمون، خالد کوکر، جاويد چوڌري، مظهر عباس ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت صحافي جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، پرامن احتجاج کي صحافين جي ڪمزوري نه سمجھيو وڃي، هنن چيو ته سنڌ حڪومت اڳ به جيڪا مهلت گھُري هئي ان تي ڪو عمل نه ٿي سگھيو آهي، هنن چيو ته اڄ ڪراچي ۾ ڌرڻو هنيو آهي.  جيڪڏهن جان محمد مهر جا قاتل ۽ سهولتڪار گرفتار نه ٿيا ته پوءِ اسلام آباد ۾ به ڌرڻو هنيو ويندو، هنن چيو ته پوليس ۽ انتظاميا جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيون. اسان جي ٽرڪ جي بَتي پُٺيان نه لڳايو وڃي.هوڏانهن نگران وڏي وزير جي ھدايتن تي آءِ جي سنڌ رفعت مختار  شھيد جان محمد مھر جي وڏي ڀاءُ ڪرم الله مھر کي  سي پي او گهرائي ملاقات ڪئي. جنهن دوران آءِ جي سنڌ چيو ته سکر پوليس کي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ مک قاتلن جي گرفتاري جو الٽيميٽم ڏنو آھي. آءِ جي سنڌ شھيد جان محمد مھر قتل ڪيس جي فريادي ڪرم الله مھر جي درخواست تي ڊي آءِ جي سکر جي سربراھي ۾ نئين جي آئي ٽي قائم ڪرڻ جو به حڪم  ڏنو آهي. ملاقات دوران ڪرم الله مھر شھيد جان محمد مھر جي ڪٽنب کي ملندڙ ڌمڪين بابت ڄاڻ ڏني، جنهن تي آءِ جي ڪيس جي فريادي جي تحفظ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جي ڪمانڊوز جي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ واري درخواست صوبائي ٿريٽ ڪاميٽي کي موڪلڻ جون ھدايتون پڻ ڏنيون.