سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر پوليس جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، سهولتڪار ۽ ماسٽر مائينڊ به وائکا نه ٿي سگهيا، ظاهر 3 سهولتڪارن کان سواءِ حراست ۾ ورتلن کي ذريعن مطابق آزاد ڪيو ويو، ڌاڙيلن طرفان مليل ڌمڪين کان پوء چڪ ۾ فريادي کي مليل پوليس سيڪيورٽي به واپس، ان ڏس ۾ سي سيڪشن ٿاڻي تي جان محمد مهر کي قتل ڪرڻ جو ڪيس 16 جوابدارن مٿان داخل آهي، جنهن ۾ 6 نامزد، 3 نامعلوم ۽ 7 سهولتڪار شامل آهن پر پوليس هن وقت تائين مک قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي، پوليس قتل ڪيس ۾ نامزد صرف 3 سهولتڪارن کي گرفتار ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪرڻ کان ڪنارا ڪش بڻيل آهي، ذريعن مطابق صحافي جي قاتلن کي رهائش ڏيڻ، ٽرانسپورٽ ڏيڻ سميت قاتلن سان تعلق رکڻ تي پوليس ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو، جن مان صرف 3 سهولتڪارن بابر، بخشو ۽ منور جي پوليس سهولتڪار طور گرفتار ظاهر ڪندي تي ڀيرا عدالت مان رمانڊ حاصل ڪيو آهي. جڏهن ته انهن سان گڏ گرفتار ٿيل ڌاريجا ۽ مهر برادري جي ٻين ماڻهن کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ انهن مان ڪنهن جي به گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي، ٻي طرف جان محمد مهر جي وارثن کي جوابدارن طرفان مليل ڌمڪين بعد چڪ ۾ مليل پوليس سيڪيورٽي واپس به واپس ٿي وئي آهي.جان محمد مهر جي وڏي ڀاءُ ۽ قتل ڪيس جي فريادي ڪرم الله مهر پنهنجي عزيزن سان گڏ ايس ايس پي سکر عرفان سمون سان سندس آفيس پهچي ملاقات ڪري ڪيس جي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ورجايو آهي، ايس ايس پي چيو ته قتل ڪيس جي سمورن جوابدارن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.