جان محمد سوسائٽي(ن پ ا) جان محمد سوسائٽي سميت مختلف ڳوٺ ھن جديد دور ۾ به گيس جي سھولت کان محروم آھن. ان ڏس ۾ جان محمد سوسائٽي، ڳوٺ اسماعيل مهر، ڳوٺ نباهو چاچڙ،  گل مھر، راضو مھر، وڌڻ مھر سميت ڪيترائي ڳوٺ گيس جي سهولت نه ھجڻ ڪري ڪاٺيون ٻاري گذارو ڪري رهيا آھن، ڳوٺاڻن حزب الله مھر، جميل احمد مھر، ڪامريڊ رسول بخش مھر۽ ٻين احتجاج ڪندي دانھيو ته اسان جي ڳوٺن کان هڪ ڪلوميٽر مفاصلي تي گيس جي سهولت آهي ليڪن اسانکي گيس جي سهولت نه آھي، مظاھرين مطالبو ڪندي چيو ته اسانجي ڳوٺن ۾ گيس جي سھولت ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي.