سکر (بيورو رپورٽ)  سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ شهيد کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سکر پريس ڪلب کان  شهادت واري هنڌ تائين شمع برداري ريلي ڪڍي وئي، شهادت واري هنڌ شهيد جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. شمع بردار ريلي ۾ صحافين جي وڏي انگ، اسٽيپ فائونديشن جي چيئرپرسن شائسته کوسو، پ پ ليديز ونگ جي اڳواڻ عذرا جمال، مسلم ليگ ن جي اڳواڻن خورشيد ميراڻي، اعظم خان ۽ بين به شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ مطالبو ڪيو ته ڪچي واري علائقي ۾ پاڪ فوج ۽ رينجرس جي مدد سان آپريشن ڪري شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ سمورن ڏوهارين جو خاتمو آندو وڃي.