“جاني هن جهاجَ ۾” ….. هيءَ سِٽ جو ٽڪرو لطيف سائين جي سر سامونڊي جي بيت مان کنيل آهي. جيڪو هن ريت آهي:
سڙهه سڃاڻيو چوءِ، ماء! سامونڊي آئيا،
مان منهنجو هوءِ، جاني هن جهاجَ ۾.
سر ساموندي سنڌ جي ان وقت جي عڪاسي ڪري ٿو، جڏهن سنڌو درياهه سال جا ٻارنهن مهينا وهندو رهندو هو. سنڌو درياهه لکين ايڪڙ فوٽ پاڻي سان گڏ لکين ٽن مٽي جا پاڻ سان گڏ آڻي سنڌو ساگر ۾ ڇوڙ ڪندو هو. انهيءَ لٽ ۽ پاڻي جي ڪري انڊس ڊيلٽا ٺهيو. انھيءَ ڊيلٽا ۾ سامونڊي بندر ٺھيا، جن جي ذريعي سنڌ جو سڄي دنيا سان وڻج واپار هلندو هو۔ ائين سنڌ هڪ خوشحال ملڪ هو۔ سنڌ جي اها خوشحالي سنڌ تي ڌارين جي يلغار جو سبب بڻي۔ سنڌ ڌارين جي تسلط هيٺ رهڻ جي باوجود پنھنجي الڳ حيثيت ۽ وجود برقرار رکيو۔ اها صدين جي ڪٿا اڄ به جاري آھي ۽ سنڌ پنھنجي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ جدوجھد ۾ مصروف آھي۔
انڊس ڊيلٽا ڪنهن وقت ۾ پٽالا کان شروع ٿيندو هو. پٽالا کان سنڌو درياهه مختلف ڇاڙن ۾ ورهائجي اچي سنڌو ساگر سان ملندو هو. هن وقت پٽالا جو تعين ڪرڻ مشڪل آهي. ڪجهه محققن ان کي حيدرآباد جي آسپاس ڄاڻايو آهي. تازو پروفيسر ڊاڪٽر الطاف سيال جو مضمون ڇپيو آهي، انهيءَ ۾ هن ڊيلٽا جي شروعات سجاول ضلعي جي شهر ٻنون کان ڄاڻائي آهي. اهو تحقيق طلب مسئلو آهي.
سنڌو درياهه ڪيترن ڇاڙن ۾ ورهائبو هو، ان لاءِ مختلف رايا آهن. هڪ راءِ مطابق سنڌو درياهه 22 ڇاڙن، ٻي راءِ مطابق سترنهن ڇاڙن ذريعي اچي سنڌو ساگر سان ملندو هو. سنڌو جي مختلف ڇاڙن تي مشهور بندر رهيا آهن. جيئن ته ڪلري ڇاڙ تي ديبل بندر. ڪلري ڇاڙ سان هڪ ٻيو مشهور واقعو پڻ وابسته آهي. هي اها ڇاڙ آهي، جنهن ۾ سسئيءَ کي مائٽن پيتيءَ ۾ بند ڪري درياءَ جي حوالي ڪيو هو ۽ ڀنڀور وٽ ڌوٻيءَ کي اها صندوق هٿ پئي، جنهن ان کي پالي نپائي وڏو ڪيو. سسئي- پنهون جو مشهور داستان پڻ ڀنڀور شهر سان وابسته آهي. ڪلري ڇاڙ ۾ پاڻي گھٽجڻ ۽ ٻين سببن جي ڪري ديبل بندر اجڙي ويو ۽ وري لاري بندر، سنڌوءَ جي بگھاڙ شاخ تي نروار ٿيو. ائين شاهه بندر، علي بندر، سوکي بندر، سنڊو بندر، کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر سنڌوءَ جي مختلف ڇاڙن تي مختلف وقتن تي وجود ۾ آيا. 1947ع تائين سنڊو بندر، سوکي بندر ۽ ڪيٽي بندر فعال بندر هئا. هن وقت انڊس ڊيلٽا ۾ ڪوبه بندر نه آهي. ڪنهن وقت ۾ سامونڊي جهاز هوا جي رخ تي هلندا هئا. جيئن لطيف سائينءَ چيو آهي ته،
لڳي اتر اوهريئا، واهوندي ورن
يا ….
ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا.
انهن وڻجارن جي ڪڏهن ڪڏهن واپسي سال کان پوءِ ٿيندي هئي. اهو لطيف جي هن بيت سان پسي سگھجي ٿو:
وڻجاري ماءَ! وڻجارو نه پلئين
آيو ٻارهين ماهه، پڻ ٿو سفر سنبهي
سامونڊي سفر ۾ جديد سائنسي تحقيق جي بنياد تي سامونڊي جهاز هوا جي رخ جي بجاءِ، سڄو سال پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق هلڻ لڳا.
انڊس ڊيلٽا ۾ سنڌو جي مختلف ڇاڙن وسيلي پاڻي ايندو هو، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: ڦٽي، گڏي، کائي، پٽياڻي، دٻو، ڇن، حجامڙو، ترشان، کوبر، گگھيار، کاري واري، ڪاجري, سير ۽ ڪوري ڇاڙ (سيال). انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري نه بندر رهيا، نه بازارون ۽ نه ئي اهي وڻجارا رهيا ۽ نه ئي انھن جون ونيون رهيون، جن کي وڻجاري جي وني هئڻ جو ارمان هوندو هو۔ اهو ارمان/پڇتاءُ لطيف سائينءَ جي هن بيت مان صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو:
جان وڻجارو ڪانڌ، مون هڏ لانئون لڌيون
پرڏيھ مٿي سانگ، اٺئي پھر ان جو۔
ڊيلٽا جيڪو ڳاڙهن چانورن، مڇي جي واپار، چوپائي مال ڪري مشهور هو، اڄ اتي نه ڳاڙهو چانور رهيو، نه اٺن جا وڳ ۽ نه ئي مينهين جا ڌڻ رهيا. اڄ جو ڊيلٽا، لطيف سائينءَ جي هنن سٽن جي هوبھو تصوير نظر اچي ٿو:
نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتياريون
پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
اچو ته انڊس ڊيلٽا تي هڪ نظر وجهون: ڊيلٽا انهيءَ ٽڪنڊي شڪل جهڙي علائقي کي چيو وڃي ٿو، جتان جي زمين هڪ ڪري ۽ هيٺائين هوندي آهي ۽ جتي درياهه سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان پهرين مختلف ڇاڙن ۾ ورهائجي ويندو آهي. دراصل ڊيلٽا يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو ٽڪنڊي شڪل وانگر آهي. دنيا ۾ ڇهه مختلف نالن/ شڪلين وارا ڊيلٽا موجود آهن، جن ۾ (1) ايسٽورين ڊيلٽا (2) ارڪيويٽ ڊيلٽا (3) برڊ فوٽ / فنگر ڊيلٽا (4) ٽرنڪيٽيڊ ڊيلٽا (5) بلاڪڊ ڊيلٽا ۽ (6) ابنڊنٽ ڊيلٽا. (سيال). انڊس ڊيلٽا، ارڪيويٽ ڊيلٽا جي وصف ۾ اچي ٿو. انڊس ڊيلٽا دنيا جو پنجون وڏو ڊيلٽا آهي. ڪجهه محققن ان کي ڇهون/ستون وڏو ڊيلٽا پڻ لکيو آهي. انڊس ڊيلٽا کي نومبر 2002ع ۾ رامسر سائيٽ قرار ڏنو ويو آهي. انڊس ڊيلٽا جي پکيڙ مختلف محققن مختلف لکي آهي.
هيگ 1874ع ۾ ان جي پکيڙ چوويهه هزار چورس ڪلوميٽر لکي آهي. جڏهن ته ڪلهوڙو ۽ ٻين (2016) اها پکيڙ ڇهه هزار چورس ڪلوميٽر، احمد ۽ شوڪت (2015) اهو انگ اٺ هزار پنج سئو ڪلوميٽر ڄاڻايو آهي. ليشينڪو ۽ سندس ساٿين (1993) ٽيهه هزار چورس ڪلوميٽر، سويستڪي ۽ ٻين (2013) اهو انگ سترنهن هزار چورس ڪلوميٽر، ڪليهن (2014) سورنهن هزار ڪلوميٽر، پراچا ۽ ٻين (2017) ايڪيتاليهه هزار چار سئو چاليهه چورس ڪلوميٽر، لغاري (2015) پنج هزار چورس ڪلوميٽر ۽ هيريسن (1997) اهو انگ ٻه هزار پنج سئو چورس ڪلوميٽر ڄاڻايو آهي. (سيال) ڊاڪٽر الطاف سيال پنهنجي هڪ مقالي “سنڌو درياهه جو ڊيلٽا” ۾ لکيو آهي ته 1833ع ۾ ڊيلٽا جي ايراضي تيرنهن هزار چورس ڪلوميٽر هئي، جيڪا هاڻي گهٽجي هڪ هزار ستھٺ چورس ڪلوميٽر رهجي وئي آهي. (سيال 2018)
ڊيلٽا جي ايراضي جي گهٽجڻ جو مقصد سمنڊ جو اڳتي وڌي اچڻ يا سمنڊ جو پائڻ آهي. اها حقيقت حڪومت پاڪستان 2022ع ۾ جاري ڪيل “لونگ انڊس” نالي رپورٽ ۾ تسليم ڪئي آهي. “لونگ انڊس” ۾ چيل آهي ته انڊس ڊيلٽا جو ٻيانوي سيڪڙو سمنڊ پائي ويو آهي. سمنڊ جي اڳتي وڌڻ يا ڊيلٽا کي پائڻ جي سببن جو ذڪر اڳتي ايندو.
پنجاب واپڊا ۽ مرڪزي سرڪار طرفان هميشه سنڌو درياهه جي مٿين ڀر ڊيم يا نوان واهه ٺاهڻ لاءِ اهو سبب ڄاڻايو ويندو آهي ته پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ضايع ٿي رهيو آهي. سنڌ هميشه ان جي مخالفت ۾ رهي آهي. سنڌ 1991 واري ٺاهه وقت پڻ انڊس ڊيلٽا لاءِ ڏهه ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گھريو هو، اصولي طور سڀئي فريق ڊيلٽا جي لاءِ پاڻي چڏڻ لاءِ راضي هئا پر صرف ان جو صحيح تخمينو لڳائڻ لاءِ وڌيڪ اڀياس/ تحقيق جو فيصلو ڪيو ويو. اهو بهانو وقتي طور ڳالهه کي ٽارڻو هو، ڇاڪاڻ جو اهو اڀياس سورنهن سالن کانپوءِ ماهرن کان 2005ع ۾ڪرايو ويو. ماهرن جي راءِ مطابق سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ ۳٦۔ ملين ايڪڙ فوٽ هر مهيني ۽ هر پنجن سالن کانپوءِ پنجويهه ملين ايڪڙ فوٽ سانوڻي ۾ ڇڏڻ جو چيو ويو. جيڪڏهن انهن ٻنهي انگن کي ملايون ته ساليانو 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ ٿئي ٿو. آبپاشي کاتي سنڌ جي ريڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ اهو واضح ٿئي ٿو ته عالمي ماهرن جي راءِ تي عمل نه ڪيو ويو آهي.
سنڌو درياهه ۾ پاڻي گھٽجڻ ۽ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه چڏڻ ڪري جتي سنڌو درياهه تي قائم ٻيلا ختم ٿي ويا، اتي ڊيلٽا ۾ قدرتي مٺي پاڻي جو ڍنڍون ۽ ڍورا ختم ٿي ويا يا وري کاري پاڻي جي ڍنڍن ۾ تبديل ٿي ويا. ٻيلن ختم ٿيڻ ڪري، ٻيلي جي آس پاس رهندڙ ماڻهن جن جو گذر ٻيلي مان ڪاٺيون ڪرڻ، ماکي گڏ ڪرڻ يا گاهه ڪري شھرن ۾ وڪرو ڪرڻ تي هو، اهي ماڻهو اتان لڏي شھرن طرف ويا، جتي هنن کي ڪافي سماجي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. ٻي طرف مالوند ماڻهو جن جو گذر سفر ٻيلن تي هو، انهن لاءِ زندهه رهڻ مشڪل ٿي ويو. آخر تنگ ٿي مالوند ماڻهن مال وڪڻي گذر سفر لاءِ شهرن جو رخ ڪيو.
انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري هڪ ٻيو وڏو نقصان اهو ٿيو جو تمر جا ٻيلا ختم ٿيڻ لڳا. تمر جي ٻيلن مان هڪ کان وڌيڪ فائدا هئا، هڪ ته تمر جي ٻيلن ڪري سمنڊ ۾ ايندڙ طوفان، يا ڇوليون سڌو سنئون ڪناري سان ٽڪرائڻ بجاءِ تمر جي ٻيلن سان ٽڪرائڻ ڪري، ان جو زور ٽُٽي ويندو هو، ايئن تمر جا ٻيلا سامونڊي ڪناري لاءِ قدرتي بچاءُ هئا. تمر جا ٻيلا مڇي جي افزائش نسل جو ڪم ڏيندا هئا. مڇيون اتي اچي آنا ڏينديون هيون ۽ اهي ٻچا وڏا ٿي وري سمنڊ/ درياهه ۾ ويندا هئا، ايئن مقامي ماڻهن جو مڇي شڪار تي گذر هو. پر تمر جي ٻيلن جي گهٽجڻ ۽ درياهه ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري اهو ذريعهء معاش پڻ مقامي ماڻهن جو ختم ٿي ويو. ائين سامونڊي پٽيءَ جي ماڻهن پنهنجا اباڻا پڊ ۽ مقام چڏي شهرن طرف رخ رکيو، جتي هو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.
اچو ته ڏسون ته عالمي ماهر درياهه جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ متعلق ڇا ٿا چون:
ڪازخستان ۽ ازبڪستان جي وچ تي اڙل ڍنڍ واقع هئي. انهيءَ ڍنڍ جي پکيڙ اٺهٺ هزار چورس ڪلوميٽر هئي ۽ اها دنيا جي ٽين وڏي ڍنڍ هئي. هن ۾ روس جا ٻه درياهه آمون ۽ سور اچي ڇوڙ ڪندا هئا. روسي ماهرن انهيءَ پاڻي کي زيان سمجهندي انهن ٻنهي دريائن جو پاڻي آبادي لاءِ موڙڻ شروع ڪيو. نتيجي ۾ 1960ع کان ڍنڍ سڪڙجڻ لڳي ۽ 2010ع ۾ بلڪل پاڻي کان خالي ٿي وئي. اها ڍنڍ لوڻ جي ڍنڍ ٿي وئي ۽ چوماسي جي هوائن ۾ آس پاس جو رياستون لوڻ جي طوفان ڪري پريشان آهن. هاڻي وري انهيءَ ڍنڍ کي بحال ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
آمريڪا جي جيالاجيڪل سوسائٽي طرفان دنيا جي ڇهن وڏن ڊيلٽائن تي هڪ اڀياس “دريائي ڊيلٽائن جو خطرناڪ مستقبل” نالي سان 2022ع ڇاپيو ويو آهي. انهن ڇهن ڊيلٽائن ۾ مسيسپي، يانگتري، نائيجر، بنگال، نيل ۽ سنڌو شامل آهن. انهيءَ اڀياس ۾ سوسائٽي طرفان دنيا جي ٻارهن وڏن ڊيلٽائن مان ٿيندڙ آمدني جا اکر پڻ ڏنا آهن. انهيءَ آمدني (گراس ڊوميسٽڪ پراڊڪٽ) جي انگن اکرن مطابق برازيل جي اميزون درياهه جي آمدني ٻڙي آهي، بنگلاديش جي بنگال ڊيلٽا جي آمدني ٻه سئو سٺ ملين آمريڪن ڊالر، آمريڪي جي مسيسپي ڊيلٽا جي آمدني هڪ سئو ٽيهه ملين آمريڪي ڊالر، ويٽنام جي ميڪانگ ڊيلٽا جي آمدني ڇائيتاليهه ملين آمريڪي ڊالر، نائيچيريا جي نائيچر ڊيلٽا جي آمدني ٽي سئو اسي ملين آمريڪن ڊالر، برما جي آلٽر وادي ڊيلٽا جي ٻه ملين آمريڪي ڊالر، چين جي يانگتري ڊيلٽا جي آمدني ٻاويهه سئو ملين آمريڪي ڊالر، چين جي ڊيلٽا يلو جي آمدني هڪ سئو پنجاهه ملين ڊالر، چين جي پرل ڊيلٽا جي آمدني ٻارنهه سئو ملين آمريڪي ڊالر ۽ ٿائلينڊ جي چائو پرايا ڊيلٽا جي آمدني ٽي سئو ستر ملين آمريڪي ڊالر ڄاڻايل آهي. اندس ڊيلٽا لاءِ عالمي بينڪ جي رپورٽ آهي ته ڊيلٽا ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري پاڪستان کي هر سال ٻه ارب ڊالر جو نقصان ٿي رهيو آهي. انهي مان ثابت آهي ته ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏڻ سان نه رڳو درياهه جي ايڪالاجي ۽ ماحوليات برقرار رهن ٿا، پر ملڪي آمدني جو ذريعو پڻ ٿين ٿا.
آمريڪن جيولاجيڪل سوسائٽي پنهنجي رپورٽ ۾ انڊس ڊيلٽا کي مردهه يعني مئل ڄاڻايو آهي. ان کان اڳ ۾ آمريڪا جي هڪ يونيورسٽي جي پروفيسر لارينس سمٿ پڻ سنڌو درياهه کي ايندڙ صدي ۾ مرندڙ دريائن جي قطار ۾ شمار ڪيو آهي. انڊس ڊيلٽا يا سنڌو درياهه کي انهي$ حالت ۾ پهچائڻ لاءِ اسان پاڻ ذميدار آهيون. اڙل ڍنڍ وانگر اسان به انڊس ڊيلٽا کي ماري ڇڏيو آهي. انڊس ڊيلٽا جي مرڻ سان هڪ دور جي پڄاڻي ٿيندي. انڊس ڊيلٽا سان وابسته ثقافت جو پڻ خاتمو اچي ويندو. انڊس ڊيلٽا لاءِ ايندڙ ٻه ڏهاڪا اهم آهن. جيڪڏهن اسان انڊس ڊيلٽا کي بچائڻ ٿا چاهيون ته اسان کي اڄ کان شروعات ڪرڻ گهرجي، سڀاڻي لاءِ ترسي نٿو سگهجي، جو ان وقت دير ٿي چڪي هوندي. سنڌو درياھ ۽ انڊس ڊيلٽا جو زندھ رھڻ جو مقصد سنڌ جو وجود برقرار رھڻ آھي۔ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته:
* سنڌو درياهه کي آزاد وهڻ ڏنو وڃي.
* عالمي ماهرن جي راءِ موجب انڊس ڊيلٽا لاءِ پاڻي مهيا ڪيو وڃي.
* سنڌو درياهه سرشتي ۾ ڪو به نئون ڊيم يا نئون واهه نه اڏيو وڃي.
* سنڌو درياهه تي ڪوشش ڪري ٻيهر ٻيلن جو ڄار وڇايو وڃي.
* انڊس ڊيلٽا ۾ وڌ ۾ وڌ ايراضي تي تمر جا ٻيلا پوکيا وڃن ۽ هن وقت موجود تمر جي ٻيلن جي حفاطت ڪئي وڃي.
* موجوده آبپاشي نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ مرڪزي پاڻي پاليسي تي عمل ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي ٺاهي وڃي.
* بجلي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ شروع ڪيل ڊيمن جو سلسلو ختم ڪري، ان جي جاءِ تي سج جي روشني ۽ هوا مان بجلي ٺاهي وڃي.
* انڊس ڊيلٽا ۾ کاري پاڻي تي ٿيندڙ فصل پوکيا وڃن.
* ساحلي پٽي کي سياحتي مرڪز ۾ تبديل ڪيو وڃي.