واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۾ قتل ٿيل جارج فلائڊ کي انصاف ڏيارڻ ۾ ان وڊيو مدد ڪئي جيڪا هڪ ڇوڪري ڀري هئي. ان ڇوڪري جو نالو ڊارنيلا فريزيئر آهي جنهن کي ميڊيا تي زبردست پذيرائي ملي آهي. ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڊارنيلا نه هجي ها ته شاون اڃا پوليس ۾ هجي ها. ٻئي طرف ڊارنيلا جو چوڻ آهي ته شاون کي سزا ملڻ تي مون اوڇنگارون ڏنيون، مون کي ڳڻتي هئي، پر کيس ٽن الزامن ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي ته ڏاڍي خوش آهيان، اسان فلائڊ سان انصاف ڪيو آهي.